Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #206 Translated in Sindhi

وَإِخْوَانُهُمْ يَمُدُّونَهُمْ فِي الْغَيِّ ثُمَّ لَا يُقْصِرُونَ
۽ اُنھن (شيطانن) جا ڀائر کين گمراھيءَ ۾ ڇڪيندا آھن وري نہ گھٽائيندا آھن
وَإِذَا لَمْ تَأْتِهِمْ بِآيَةٍ قَالُوا لَوْلَا اجْتَبَيْتَهَا ۚ قُلْ إِنَّمَا أَتَّبِعُ مَا يُوحَىٰ إِلَيَّ مِنْ رَبِّي ۚ هَٰذَا بَصَائِرُ مِنْ رَبِّكُمْ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
۽ (اي پيغمبر!) جڏھن وٽن ڪا آيت نہ آڻيندو آھين (تڏھن) چوندا آھن تہ (پاڻ) ڇو نہ ٺاھيندو آھين؟ چئو تہ جيڪي مون ڏانھن پنھنجي پالڻھار جو وحي ٿيندو آھي تنھن کانسواءِ (ڪنھن جي) تابعداري نہ ڪندو آھيان، ھي (قرآن) اسانجي پالڻھار وٽان سوجھرو ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ اُنھيءَ قوم لاءِ آھي جي مڃيندي آھي
وَإِذَا قُرِئَ الْقُرْآنُ فَاسْتَمِعُوا لَهُ وَأَنْصِتُوا لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (تڏھن) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو منَ ٻاجھ ڪجيوَ
وَاذْكُرْ رَبَّكَ فِي نَفْسِكَ تَضَرُّعًا وَخِيفَةً وَدُونَ الْجَهْرِ مِنَ الْقَوْلِ بِالْغُدُوِّ وَالْآصَالِ وَلَا تَكُنْ مِنَ الْغَافِلِينَ
۽ پنھنجي پالڻھار کي پنھنجي دل ۾ عاجزيءَ ۽ ڀؤ سان وڏي آواز کان (ڪجھ) جھڪو صبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪر ۽ غافلن مان نہ ھُج
إِنَّ الَّذِينَ عِنْدَ رَبِّكَ لَا يَسْتَكْبِرُونَ عَنْ عِبَادَتِهِ وَيُسَبِّحُونَهُ وَلَهُ يَسْجُدُونَ ۩
بيشڪ جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ (ويجھا) آھن (سي) سندس عبادت کان وڏائي نہ ڪندا آھن ۽ اُن جي پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ اُن کي سجدو ڪندا آھن

Choose other languages: