Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #200 Translated in Sindhi

إِنَّ وَلِيِّيَ اللَّهُ الَّذِي نَزَّلَ الْكِتَابَ ۖ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصَّالِحِينَ
بيشڪ منھنجو مددگار اُھو الله آھي جنھن ڪتاب نازل ڪيو، ۽ اُھو نيڪن کي مدد ڏيندو آھي
وَالَّذِينَ تَدْعُونَ مِنْ دُونِهِ لَا يَسْتَطِيعُونَ نَصْرَكُمْ وَلَا أَنْفُسَهُمْ يَنْصُرُونَ
۽ ان (الله) کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان کي ڪا مدد ڏيئي نہ سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي مدد ڏيئي سگھندا آھن
وَإِنْ تَدْعُوهُمْ إِلَى الْهُدَىٰ لَا يَسْمَعُوا ۖ وَتَرَاهُمْ يَنْظُرُونَ إِلَيْكَ وَهُمْ لَا يُبْصِرُونَ
۽ جيڪڏھن اوھين اُنھن کي ھدايت ڏانھن سڏيو تہ ڪين ٻڌندا، ۽ کين ڏسندو آھين (تہ ڄڻ) تہ تو ڏانھن تڪين ٿا مگر اُھي ڏسندا ئي نہ آھن
خُذِ الْعَفْوَ وَأْمُرْ بِالْعُرْفِ وَأَعْرِضْ عَنِ الْجَاهِلِينَ
(اي پيغمبر) معافي ڏيڻ جي عادت ڪر ۽ چڱي ڪم ڪرڻ جو حُڪم ڪر ۽ جاھلن کان منھن موڙ
وَإِمَّا يَنْزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيْطَانِ نَزْغٌ فَاسْتَعِذْ بِاللَّهِ ۚ إِنَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
۽ جيڪڏھن تو کي شيطان کان ڪو وسوسو پوي تہ الله کان پناھ گھر، ڇو تہ اُھو ٻُڌندڙ ڄاڻندڙ آھي

Choose other languages: