Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #174 Translated in Sindhi

وَالَّذِينَ يُمَسِّكُونَ بِالْكِتَابِ وَأَقَامُوا الصَّلَاةَ إِنَّا لَا نُضِيعُ أَجْرَ الْمُصْلِحِينَ
۽ جيڪي ڪتاب کي مضبوطيءَ سان وٺن ٿا ۽ نماز پڙھن ٿا، (اھڙن) نيڪن جو اجر اسين نہ وڃائيندا آھيون
وَإِذْ نَتَقْنَا الْجَبَلَ فَوْقَهُمْ كَأَنَّهُ ظُلَّةٌ وَظَنُّوا أَنَّهُ وَاقِعٌ بِهِمْ خُذُوا مَا آتَيْنَاكُمْ بِقُوَّةٍ وَاذْكُرُوا مَا فِيهِ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ
۽ (ياد ڪر) جڏھن اُنھن جي مٿان جبل کي ٽنگيوسون ڄڻ تہ اُھو ڇَٽي ھو ۽ ڀانيائون تہ اُھو مٿن ڪرندو، (کين چيوسون) تہ جيڪي اسان اوھان کي ڏنو آھي سو مُحڪم ڪري وٺو ۽ جيڪي منجھس آھي سو ياد ڪندا رھو تہ منَ اوھين (عذاب کان) بچو
وَإِذْ أَخَذَ رَبُّكَ مِنْ بَنِي آدَمَ مِنْ ظُهُورِهِمْ ذُرِّيَّتَهُمْ وَأَشْهَدَهُمْ عَلَىٰ أَنْفُسِهِمْ أَلَسْتُ بِرَبِّكُمْ ۖ قَالُوا بَلَىٰ ۛ شَهِدْنَا ۛ أَنْ تَقُولُوا يَوْمَ الْقِيَامَةِ إِنَّا كُنَّا عَنْ هَٰذَا غَافِلِينَ
۽ (اي پيغمبر! ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار آدم جي اولاد مان (يعني) پٺين مان سندن اولاد کي پيدا ڪيو ۽ سندن وجود کي مٿن شاھد ڪيائين (۽ پڇيائين) تہ (آءٌ) اوھانجو پالڻھار نہ آھيان ڇا؟ چيائون تہ ھائو (آھين)، گواھ ٿيا آھيون، (اِھا گواھي ھن لاءِ وٺڻي ھئي) تہ (متان) قيامت جي ڏينھن چئو تہ اسين ھِن (ڳالھ) کان بي خبر ھئاسون
أَوْ تَقُولُوا إِنَّمَا أَشْرَكَ آبَاؤُنَا مِنْ قَبْلُ وَكُنَّا ذُرِّيَّةً مِنْ بَعْدِهِمْ ۖ أَفَتُهْلِكُنَا بِمَا فَعَلَ الْمُبْطِلُونَ
يا (متان) چئو تہ شرڪ رڳو اسان جي ابن ڏاڏن اڳ ڪيو ھو ۽ اسين کانئن پوءِ اولاد ھئاسون، تنھنڪري جيڪي بيھودن ڪيو تنھن سببان اسان کي ڇو ٿو ھلاڪ ڪرين؟
وَكَذَٰلِكَ نُفَصِّلُ الْآيَاتِ وَلَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
۽ اھڙيءَ طرح اسين آيتون کليل طرح بيان ڪندا آھيون تہ منَ اُھي موٽن

Choose other languages: