Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #141 Translated in Sindhi

وَأَوْرَثْنَا الْقَوْمَ الَّذِينَ كَانُوا يُسْتَضْعَفُونَ مَشَارِقَ الْأَرْضِ وَمَغَارِبَهَا الَّتِي بَارَكْنَا فِيهَا ۖ وَتَمَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ الْحُسْنَىٰ عَلَىٰ بَنِي إِسْرَائِيلَ بِمَا صَبَرُوا ۖ وَدَمَّرْنَا مَا كَانَ يَصْنَعُ فِرْعَوْنُ وَقَوْمُهُ وَمَا كَانُوا يَعْرِشُونَ
۽ اُھا قوم جيڪا ھيڻي ڀانئبي ھئي تنھن کي اُنھيءَ اوڀر ۽ اولھ جي زمين (يعني شام ۽ مِصر) جو وارث ڪيوسون جنھن ۾ برڪت رکي ھئي سون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو بني اِسرائيلن سان چڱو انجام اِنھي سببان پورو ٿيو جو صَبر ڪيائون، ۽ فرعون ۽ سندس قوم جيڪي بڻايو ۽ جيڪا (اڏاوت) بلند ڪئي ھئائون سا (سڀ) ناس ڪري ڇڏي سون
وَجَاوَزْنَا بِبَنِي إِسْرَائِيلَ الْبَحْرَ فَأَتَوْا عَلَىٰ قَوْمٍ يَعْكُفُونَ عَلَىٰ أَصْنَامٍ لَهُمْ ۚ قَالُوا يَا مُوسَى اجْعَلْ لَنَا إِلَٰهًا كَمَا لَهُمْ آلِهَةٌ ۚ قَالَ إِنَّكُمْ قَوْمٌ تَجْهَلُونَ
۽ بني اِسرائيل کي سمنڊ کان پار ٽپايو پوءِ اُھي ھڪڙي اھڙي قوم تي پُھتا جو پنھنجن بتن جا مجاور ھئا، (موسىٰ) کي چيائون تہ اي موسىٰ! اسان لاءِ (بہ) ھڪڙو اھڙو معبود بڻاءِ جھڙا ھنن لاءِ معبود آھن، (موسىٰ) چيو تہ بيشڪ اوھين جاھل قوم آھيو
إِنَّ هَٰؤُلَاءِ مُتَبَّرٌ مَا هُمْ فِيهِ وَبَاطِلٌ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
بيشڪ ھي ماڻھو پاڻ جنھن (مذھب) ۾ پيل آھن سو برباد ٿيل آھي ۽ جيڪي ڪندا رھندا آھن سو باطل آھي
قَالَ أَغَيْرَ اللَّهِ أَبْغِيكُمْ إِلَٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُمْ عَلَى الْعَالَمِينَ
موسىٰ چيو تہ الله کانسواءِ ھن ھوندي بہ اوھان لاءِ ٻيو معبود ڇو گھران جو اُن اوھان کي جھانن جي ماڻھن کان ڀلو ڪيو آھي؟
وَإِذْ أَنْجَيْنَاكُمْ مِنْ آلِ فِرْعَوْنَ يَسُومُونَكُمْ سُوءَ الْعَذَابِ ۖ يُقَتِّلُونَ أَبْنَاءَكُمْ وَيَسْتَحْيُونَ نِسَاءَكُمْ ۚ وَفِي ذَٰلِكُمْ بَلَاءٌ مِنْ رَبِّكُمْ عَظِيمٌ
۽ (ياد ڪريو) جڏھن اوھان کي فرعون جي ماڻھن کان ڇڏايوسون جن اوھان کي بڇڙو عذاب چکايو ٿي، جو اوھان جا پٽ ڪُھندا ھئا ۽ اوھان جو ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھئا، ۽ اُن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي پرک ھُئي

Choose other languages: