Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #143 Translated in Sindhi

إِنَّ هَٰؤُلَاءِ مُتَبَّرٌ مَا هُمْ فِيهِ وَبَاطِلٌ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
بيشڪ ھي ماڻھو پاڻ جنھن (مذھب) ۾ پيل آھن سو برباد ٿيل آھي ۽ جيڪي ڪندا رھندا آھن سو باطل آھي
قَالَ أَغَيْرَ اللَّهِ أَبْغِيكُمْ إِلَٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُمْ عَلَى الْعَالَمِينَ
موسىٰ چيو تہ الله کانسواءِ ھن ھوندي بہ اوھان لاءِ ٻيو معبود ڇو گھران جو اُن اوھان کي جھانن جي ماڻھن کان ڀلو ڪيو آھي؟
وَإِذْ أَنْجَيْنَاكُمْ مِنْ آلِ فِرْعَوْنَ يَسُومُونَكُمْ سُوءَ الْعَذَابِ ۖ يُقَتِّلُونَ أَبْنَاءَكُمْ وَيَسْتَحْيُونَ نِسَاءَكُمْ ۚ وَفِي ذَٰلِكُمْ بَلَاءٌ مِنْ رَبِّكُمْ عَظِيمٌ
۽ (ياد ڪريو) جڏھن اوھان کي فرعون جي ماڻھن کان ڇڏايوسون جن اوھان کي بڇڙو عذاب چکايو ٿي، جو اوھان جا پٽ ڪُھندا ھئا ۽ اوھان جو ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھئا، ۽ اُن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي پرک ھُئي
وَوَاعَدْنَا مُوسَىٰ ثَلَاثِينَ لَيْلَةً وَأَتْمَمْنَاهَا بِعَشْرٍ فَتَمَّ مِيقَاتُ رَبِّهِ أَرْبَعِينَ لَيْلَةً ۚ وَقَالَ مُوسَىٰ لِأَخِيهِ هَارُونَ اخْلُفْنِي فِي قَوْمِي وَأَصْلِحْ وَلَا تَتَّبِعْ سَبِيلَ الْمُفْسِدِينَ
۽ موسىٰ کي ٽيھن راتين جو انجام ڏنوسون ۽ اُنھي کي (ٻـين) ڏھن سان پورو ڪيوسون پوءِ سندس پالڻھار جو انجام چاليھن راتين جو پورو ٿيو، ۽ موسىٰ پنھنجي ڀاءُ ھارون کي چيو تہ منھنجي قوم ۽ منھنجي پوئتان خليفو ٿي ۽ سڌارو ڪج ۽ فسادين جي واٽ تي نہ ھلج
وَلَمَّا جَاءَ مُوسَىٰ لِمِيقَاتِنَا وَكَلَّمَهُ رَبُّهُ قَالَ رَبِّ أَرِنِي أَنْظُرْ إِلَيْكَ ۚ قَالَ لَنْ تَرَانِي وَلَٰكِنِ انْظُرْ إِلَى الْجَبَلِ فَإِنِ اسْتَقَرَّ مَكَانَهُ فَسَوْفَ تَرَانِي ۚ فَلَمَّا تَجَلَّىٰ رَبُّهُ لِلْجَبَلِ جَعَلَهُ دَكًّا وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا ۚ فَلَمَّا أَفَاقَ قَالَ سُبْحَانَكَ تُبْتُ إِلَيْكَ وَأَنَا أَوَّلُ الْمُؤْمِنِينَ
۽ جنھن مھل موسىٰ اسان جي انجام واري ھنڌ آيو ۽ سندس پالڻھار ساڻس ڳالھايو (تنھن مھل) چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مونکي پاڻ ڏيکار تہ آءٌ تو کي ڏسان، (الله) چيو تہ مونکي ڪڏھن نہ ڏسي سگھندين پر جبل ڏانھن نھار پوءِ جيڪڏھن ھن پنھنجي جاءِ ٽڪاءُ ڪيو تہ تون مونکي ڏسي سگھندين، پوءِ جنھن مھل سندس پالڻھار جبل ڏانھن تجلّو ڪيو (تنھن مھل) اُن کي ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيائين ۽ موسىٰ بيھوش ٿي ڪري پيو، پوءِ جنھن مھل ھوش ۾ آيو (تنھن مھل) چوڻ لڳو تہ تو کي پاڪائي جڳائي تنھنجي درگاھ ۾ توبھ ڪيم ۽ آءٌ (سڀ کان) پھريون مؤمن آھيان

Choose other languages: