Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Ahqaf Ayahs #25 Translated in Sindhi

وَاذْكُرْ أَخَا عَادٍ إِذْ أَنْذَرَ قَوْمَهُ بِالْأَحْقَافِ وَقَدْ خَلَتِ النُّذُرُ مِنْ بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهِ أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا اللَّهَ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ
۽ عاد جي ڀاءُ (ھود جي قصي) کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجيءَ قوم کي (واديءَ) اَحقاف ۾ ڊيڄاريائين ۽ بيشڪ سندس اڳيان ۽ سندس پوئتان (ڪيترائي) ڊيڄاريندڙ گذريا ھئا، تہ الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جي عبادت نہ ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو
قَالُوا أَجِئْتَنَا لِتَأْفِكَنَا عَنْ آلِهَتِنَا فَأْتِنَا بِمَا تَعِدُنَا إِنْ كُنْتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
چيائون تہ، اسان وٽ ھن لاءِ آيو آھين ڇا تہ اسان کي پنھنجن معبودن (جي عبادت) کان ڦيرائين؟ پوءِ جيڪڏھن سچن مان آھين تہ جيڪو وعدو اسان کي ڏئين ٿو سو اسان وٽ آڻ
قَالَ إِنَّمَا الْعِلْمُ عِنْدَ اللَّهِ وَأُبَلِّغُكُمْ مَا أُرْسِلْتُ بِهِ وَلَٰكِنِّي أَرَاكُمْ قَوْمًا تَجْهَلُونَ
چيائين تہ، (اھا) خبر رڳو الله کي آھي ۽ جنھن (پيغام) سان موڪليو ويو آھيان، سو اوھان کي پھچايان ٿو پر اوھان کي ھڪ جاھل قوم ڏسان ٿو
فَلَمَّا رَأَوْهُ عَارِضًا مُسْتَقْبِلَ أَوْدِيَتِهِمْ قَالُوا هَٰذَا عَارِضٌ مُمْطِرُنَا ۚ بَلْ هُوَ مَا اسْتَعْجَلْتُمْ بِهِ ۖ رِيحٌ فِيهَا عَذَابٌ أَلِيمٌ
پوءِ جنھن مھل اُن کي ڪڪر (جھڙو) ڏٺائون جو سندن وادين ڏانھن سامھون ايندڙ ھو (تنھن مھل) چيائون تہ ھيءُ ڪڪر آھي جو اسان تي وَسندو (ھود چيو تہ نہ نہ!) بلڪ اِھو (ڪڪر حقيقت ۾) اُھو (عذاب) آھي، جنھن کي جلدي گھريؤ، (اھا) ھڪ آنڌي آھي، جنھن ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
تُدَمِّرُ كُلَّ شَيْءٍ بِأَمْرِ رَبِّهَا فَأَصْبَحُوا لَا يُرَىٰ إِلَّا مَسَاكِنُهُمْ ۚ كَذَٰلِكَ نَجْزِي الْقَوْمَ الْمُجْرِمِينَ
(جو) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀڪنھن شئي کي ناس ڪندي، پوءِ (اھڙا ناس) ٿيا جو سندن گھرن کانسواءِ ڪجھ نہ ٿي ڏٺو ويو، اھڙيءَ طرح ڏوھاريءَ قوم کي سزا ڏيندا آھيون

Choose other languages: