Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Ahqaf Ayahs #22 Translated in Sindhi

أُولَٰئِكَ الَّذِينَ حَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِي أُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمْ مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنْسِ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا خَاسِرِينَ
اِھي اُھي آھن جن تي (اھڙي) سزا لازم ٿي، (جھڙي اُنھن) ٽولين ۾ ٿي جي جِنن ۽ ماڻھن مان کانئن اڳ گذري ويا، بيشڪ اھي ڇيئي وارا ھئا
وَلِكُلٍّ دَرَجَاتٌ مِمَّا عَمِلُوا ۖ وَلِيُوَفِّيَهُمْ أَعْمَالَهُمْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
۽ سڀڪنھن لاءِ (ڌار ڌار) درجا انھيءَ آھر آھن، جيڪي ڪم ڪيائون، ۽ (ھيُ ھِن لاءِ) تہ (الله) سندن عملن جو کين پورو بدلو ڏئي ۽ مٿن ظلم نہ ڪبو
وَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِينَ كَفَرُوا عَلَى النَّارِ أَذْهَبْتُمْ طَيِّبَاتِكُمْ فِي حَيَاتِكُمُ الدُّنْيَا وَاسْتَمْتَعْتُمْ بِهَا فَالْيَوْمَ تُجْزَوْنَ عَذَابَ الْهُونِ بِمَا كُنْتُمْ تَسْتَكْبِرُونَ فِي الْأَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَبِمَا كُنْتُمْ تَفْسُقُونَ
۽ انھيءَ ڏينھن، جو ڪافر باھ جي آڏو ڪبا، (چئبن تہ) پنھنجون نعمتون پنھنجي دنيائي حياتيءَ ۾ (نہ) وڃائي چڪؤ ۽ انھن سان مزا ماڻيندا رھيؤ، تنھنڪري اڄ اوھان کي خواريءَ جي عذاب جو بدلو انھيءَ ڪري ڏبو جو زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا ھئو ۽ انھيءَ ڪري (بہ) جو بدڪاري ڪندا ھئو
وَاذْكُرْ أَخَا عَادٍ إِذْ أَنْذَرَ قَوْمَهُ بِالْأَحْقَافِ وَقَدْ خَلَتِ النُّذُرُ مِنْ بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهِ أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا اللَّهَ إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ
۽ عاد جي ڀاءُ (ھود جي قصي) کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجيءَ قوم کي (واديءَ) اَحقاف ۾ ڊيڄاريائين ۽ بيشڪ سندس اڳيان ۽ سندس پوئتان (ڪيترائي) ڊيڄاريندڙ گذريا ھئا، تہ الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جي عبادت نہ ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو
قَالُوا أَجِئْتَنَا لِتَأْفِكَنَا عَنْ آلِهَتِنَا فَأْتِنَا بِمَا تَعِدُنَا إِنْ كُنْتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
چيائون تہ، اسان وٽ ھن لاءِ آيو آھين ڇا تہ اسان کي پنھنجن معبودن (جي عبادت) کان ڦيرائين؟ پوءِ جيڪڏھن سچن مان آھين تہ جيڪو وعدو اسان کي ڏئين ٿو سو اسان وٽ آڻ

Choose other languages: