Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #44 Translated in Sindhi

لَا الشَّمْسُ يَنْبَغِي لَهَا أَنْ تُدْرِكَ الْقَمَرَ وَلَا اللَّيْلُ سَابِقُ النَّهَارِ ۚ وَكُلٌّ فِي فَلَكٍ يَسْبَحُونَ
نڪي سج کي چنڊ جي پھچڻ جي (ڪا) مجال آھي ۽ نڪي رات (سج لھڻ کان اڳ) ڏينھن تي اڳرائي ڪندڙ آھي، ۽ (سج ۽ چنڊ ۽ تارن مان) ھر ھڪ آسمان ۾ پيو ھلندو آھي
وَآيَةٌ لَهُمْ أَنَّا حَمَلْنَا ذُرِّيَّتَهُمْ فِي الْفُلْكِ الْمَشْحُونِ
۽ اُنھن لاءِ ھڪ نشاني (ھيءَ بہ) آھي، جو اسان سندن اولاد کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ کنيو
وَخَلَقْنَا لَهُمْ مِنْ مِثْلِهِ مَا يَرْكَبُونَ
۽ اُنھن لاءِ اُن (ٻيڙيءَ) جھڙيون (ٻيون سواريون بہ) بڻايون سون جن تي سواري ڪندا آھن
وَإِنْ نَشَأْ نُغْرِقْهُمْ فَلَا صَرِيخَ لَهُمْ وَلَا هُمْ يُنْقَذُونَ
۽ جيڪڏھن گھرون تہ کين ٻوڙي ڇڏيون، پوءِ انھن لاءِ ڪو دانھن ورنائڻ وارو نہ ٿئي ۽ نڪي اُھي ڇڏائبا
إِلَّا رَحْمَةً مِنَّا وَمَتَاعًا إِلَىٰ حِينٍ
پر پاڻ وٽان ٻاجھ ڪئي سون ۽ ھڪ وقت تائين (اُھي) آسودا ڪياسون

Choose other languages: