Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #46 Translated in Sindhi

وَخَلَقْنَا لَهُمْ مِنْ مِثْلِهِ مَا يَرْكَبُونَ
۽ اُنھن لاءِ اُن (ٻيڙيءَ) جھڙيون (ٻيون سواريون بہ) بڻايون سون جن تي سواري ڪندا آھن
وَإِنْ نَشَأْ نُغْرِقْهُمْ فَلَا صَرِيخَ لَهُمْ وَلَا هُمْ يُنْقَذُونَ
۽ جيڪڏھن گھرون تہ کين ٻوڙي ڇڏيون، پوءِ انھن لاءِ ڪو دانھن ورنائڻ وارو نہ ٿئي ۽ نڪي اُھي ڇڏائبا
إِلَّا رَحْمَةً مِنَّا وَمَتَاعًا إِلَىٰ حِينٍ
پر پاڻ وٽان ٻاجھ ڪئي سون ۽ ھڪ وقت تائين (اُھي) آسودا ڪياسون
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ اتَّقُوا مَا بَيْنَ أَيْدِيكُمْ وَمَا خَلْفَكُمْ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ اُنھي (عذاب) کان ڊڄو جيڪو اوھان جي اڳيان ۽ اوھان جي پٺيان (اچڻو) آھي تہ منَ اوھان تي ٻاجھ ڪجي
وَمَا تَأْتِيهِمْ مِنْ آيَةٍ مِنْ آيَاتِ رَبِّهِمْ إِلَّا كَانُوا عَنْهَا مُعْرِضِينَ
۽ سندن پالڻھار جي نشانين مان ڪائي (اھڙي) نشاني وٽن نہ ايندي آھي، جنھن کان (ھو) منھن موڙيندڙ نہ ھوندا آھن

Choose other languages: