Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #49 Translated in Sindhi

وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ اتَّقُوا مَا بَيْنَ أَيْدِيكُمْ وَمَا خَلْفَكُمْ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ اُنھي (عذاب) کان ڊڄو جيڪو اوھان جي اڳيان ۽ اوھان جي پٺيان (اچڻو) آھي تہ منَ اوھان تي ٻاجھ ڪجي
وَمَا تَأْتِيهِمْ مِنْ آيَةٍ مِنْ آيَاتِ رَبِّهِمْ إِلَّا كَانُوا عَنْهَا مُعْرِضِينَ
۽ سندن پالڻھار جي نشانين مان ڪائي (اھڙي) نشاني وٽن نہ ايندي آھي، جنھن کان (ھو) منھن موڙيندڙ نہ ھوندا آھن
وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ أَنْفِقُوا مِمَّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لِلَّذِينَ آمَنُوا أَنُطْعِمُ مَنْ لَوْ يَشَاءُ اللَّهُ أَطْعَمَهُ إِنْ أَنْتُمْ إِلَّا فِي ضَلَالٍ مُبِينٍ
۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ جيڪي الله اوھان کي رزق ڏنو آھي، تنھن مان خرچيو، (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن تہ اھڙي کي ڇو کارايون؟ جو جيڪڏھن الله گھري ھا تہ کيس کارائي ھا! اوھين اڳو پڌريءَ گمراھيءَ ۾ آھيو
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا الْوَعْدُ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
۽ چوندا آھن تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اِھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو
مَا يَنْظُرُونَ إِلَّا صَيْحَةً وَاحِدَةً تَأْخُذُهُمْ وَهُمْ يَخِصِّمُونَ
اُھي رڳو ھڪ سخت آواز جو انتظار ڪندا آھن، جو اُھي اُنھيءَ حالت ۾ کين (اوچتو) پڪڙيندو، جو اُھي جھڳڙو ڪندا ھوندا

Choose other languages: