Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #96 Translated in Sindhi

قَالَ يَا هَارُونُ مَا مَنَعَكَ إِذْ رَأَيْتَهُمْ ضَلُّوا
(موسىٰ اچي) چيو تہ اي ھارون! تو کي ڪنھن جھليو جڏھن کين گمراھ ٿيندو ڏٺئي
أَلَّا تَتَّبِعَنِ ۖ أَفَعَصَيْتَ أَمْرِي
تہ منھنجي پٺيان نہ لڳين، منھنجي حُڪم جي ڇو نافرماني ڪيئي؟
قَالَ يَا ابْنَ أُمَّ لَا تَأْخُذْ بِلِحْيَتِي وَلَا بِرَأْسِي ۖ إِنِّي خَشِيتُ أَنْ تَقُولَ فَرَّقْتَ بَيْنَ بَنِي إِسْرَائِيلَ وَلَمْ تَرْقُبْ قَوْلِي
(ھارون) چيو تہ اي ادا! نڪي مون کي ڏاڙھيءَ کان وٺ ۽ نڪي منھنجي مٿي کان، آءٌ (ھن ڳالھ کان) ڊنس تہ متان چوين تہ يعقوب جي اولاد جي وچ ۾ جدائي وڌئي ۽ منھنجي چوڻ جي نگاھ نہ رکيئي
قَالَ فَمَا خَطْبُكَ يَا سَامِرِيُّ
(موسىٰ) چيو تہ اي سامري! تنھنجو ڇا معاملو آھي؟
قَالَ بَصُرْتُ بِمَا لَمْ يَبْصُرُوا بِهِ فَقَبَضْتُ قَبْضَةً مِنْ أَثَرِ الرَّسُولِ فَنَبَذْتُهَا وَكَذَٰلِكَ سَوَّلَتْ لِي نَفْسِي
چيائين تہ اُھا (شئي) ڏٺم جا (ماڻھن) نہ ڏٺي پوءِ اُن قاصد (ملائڪ) جي پيرن جي (مٽيءَ جي) ھڪ مُٺ ڀريم پوءِ اُھا (گابي جي بوتي ۾) وڌم ۽ اھڙي طرح مُنھنجي نفس (اُھو) مون لاءِ سينگاريو

Choose other languages: