Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #99 Translated in Sindhi

قَالَ فَمَا خَطْبُكَ يَا سَامِرِيُّ
(موسىٰ) چيو تہ اي سامري! تنھنجو ڇا معاملو آھي؟
قَالَ بَصُرْتُ بِمَا لَمْ يَبْصُرُوا بِهِ فَقَبَضْتُ قَبْضَةً مِنْ أَثَرِ الرَّسُولِ فَنَبَذْتُهَا وَكَذَٰلِكَ سَوَّلَتْ لِي نَفْسِي
چيائين تہ اُھا (شئي) ڏٺم جا (ماڻھن) نہ ڏٺي پوءِ اُن قاصد (ملائڪ) جي پيرن جي (مٽيءَ جي) ھڪ مُٺ ڀريم پوءِ اُھا (گابي جي بوتي ۾) وڌم ۽ اھڙي طرح مُنھنجي نفس (اُھو) مون لاءِ سينگاريو
قَالَ فَاذْهَبْ فَإِنَّ لَكَ فِي الْحَيَاةِ أَنْ تَقُولَ لَا مِسَاسَ ۖ وَإِنَّ لَكَ مَوْعِدًا لَنْ تُخْلَفَهُ ۖ وَانْظُرْ إِلَىٰ إِلَٰهِكَ الَّذِي ظَلْتَ عَلَيْهِ عَاكِفًا ۖ لَنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنْسِفَنَّهُ فِي الْيَمِّ نَسْفًا
(موسىٰ) چيو تہ وڃ! بيشڪ تو کي حياتيءَ ۾ (ھيءَ سزا) آھي تہ چوندو رھندين تہ: نہ ڇُھو، ۽ تو لاءِ بيشڪ (ٻيو بہ) انجام آھي جنھن جي توسان برخلافي نہ ڪبي، ۽ پنھنجي معبود ڏانھن نھار جنھن تي مجاور ٿي ويٺو ھُئين، تہ اُن کي ساڙينداسون وري اُن (جي ڪيريءَ) کي درياءَ ۾ کنڊائڻ وانگر کِنڊائينداسين
إِنَّمَا إِلَٰهُكُمُ اللَّهُ الَّذِي لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۚ وَسِعَ كُلَّ شَيْءٍ عِلْمًا
اوھان جو معبود الله ئي آھي اُنھيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، سڀ ڪا شئي سندس علم ۾ سمائي آھي
كَذَٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنْبَاءِ مَا قَدْ سَبَقَ ۚ وَقَدْ آتَيْنَاكَ مِنْ لَدُنَّا ذِكْرًا
(اي پيغمبر!) اھڙي طرح جيڪي گذري ويا تن جي خبرن مان تو تي بيان ڪريون ٿا، ۽ پاڻ وٽان تو کي نصيحت (يعني قرآن) ڏنوسون

Choose other languages: