Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #102 Translated in Sindhi

إِنَّمَا إِلَٰهُكُمُ اللَّهُ الَّذِي لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۚ وَسِعَ كُلَّ شَيْءٍ عِلْمًا
اوھان جو معبود الله ئي آھي اُنھيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، سڀ ڪا شئي سندس علم ۾ سمائي آھي
كَذَٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنْبَاءِ مَا قَدْ سَبَقَ ۚ وَقَدْ آتَيْنَاكَ مِنْ لَدُنَّا ذِكْرًا
(اي پيغمبر!) اھڙي طرح جيڪي گذري ويا تن جي خبرن مان تو تي بيان ڪريون ٿا، ۽ پاڻ وٽان تو کي نصيحت (يعني قرآن) ڏنوسون
مَنْ أَعْرَضَ عَنْهُ فَإِنَّهُ يَحْمِلُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وِزْرًا
جيڪو کانئس مُنھن موڙيندو سو قيامت جي ڏينھن (گناھن جو) بار کڻندو
خَالِدِينَ فِيهِ ۖ وَسَاءَ لَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ حِمْلًا
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ قيامت جي ڏينھن اُنھن کي بار کڻڻ بڇڙو آھي
يَوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّورِ ۚ وَنَحْشُرُ الْمُجْرِمِينَ يَوْمَئِذٍ زُرْقًا
جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ اُن ڏينھن ڏوھارين کي جھرو ڪري اُٿارينداسون

Choose other languages: