Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #95 Translated in Sindhi

قَالُوا لَنْ نَبْرَحَ عَلَيْهِ عَاكِفِينَ حَتَّىٰ يَرْجِعَ إِلَيْنَا مُوسَىٰ
چيائون تہ (اسين ايسين) مٿس مجاور رھنداسون جيسين موسىٰ اسان ڏانھن موٽي
قَالَ يَا هَارُونُ مَا مَنَعَكَ إِذْ رَأَيْتَهُمْ ضَلُّوا
(موسىٰ اچي) چيو تہ اي ھارون! تو کي ڪنھن جھليو جڏھن کين گمراھ ٿيندو ڏٺئي
أَلَّا تَتَّبِعَنِ ۖ أَفَعَصَيْتَ أَمْرِي
تہ منھنجي پٺيان نہ لڳين، منھنجي حُڪم جي ڇو نافرماني ڪيئي؟
قَالَ يَا ابْنَ أُمَّ لَا تَأْخُذْ بِلِحْيَتِي وَلَا بِرَأْسِي ۖ إِنِّي خَشِيتُ أَنْ تَقُولَ فَرَّقْتَ بَيْنَ بَنِي إِسْرَائِيلَ وَلَمْ تَرْقُبْ قَوْلِي
(ھارون) چيو تہ اي ادا! نڪي مون کي ڏاڙھيءَ کان وٺ ۽ نڪي منھنجي مٿي کان، آءٌ (ھن ڳالھ کان) ڊنس تہ متان چوين تہ يعقوب جي اولاد جي وچ ۾ جدائي وڌئي ۽ منھنجي چوڻ جي نگاھ نہ رکيئي
قَالَ فَمَا خَطْبُكَ يَا سَامِرِيُّ
(موسىٰ) چيو تہ اي سامري! تنھنجو ڇا معاملو آھي؟

Choose other languages: