Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #44 Translated in Sindhi

إِذْ تَمْشِي أُخْتُكَ فَتَقُولُ هَلْ أَدُلُّكُمْ عَلَىٰ مَنْ يَكْفُلُهُ ۖ فَرَجَعْنَاكَ إِلَىٰ أُمِّكَ كَيْ تَقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ ۚ وَقَتَلْتَ نَفْسًا فَنَجَّيْنَاكَ مِنَ الْغَمِّ وَفَتَنَّاكَ فُتُونًا ۚ فَلَبِثْتَ سِنِينَ فِي أَهْلِ مَدْيَنَ ثُمَّ جِئْتَ عَلَىٰ قَدَرٍ يَا مُوسَىٰ
جڏھن تنھنجي ڀيڻ گھمي ٿي (تڏھن) چيائين ٿي جيڪو اُن کي سنڀالي تنھنجو اوھان کي ڏس ڏيان؟ پوءِ تو کي تنھنجي ماءُ ڏانھن موٽايوسون تہ اُن جا نيڻ ٺرن ۽ غمگين نہ ٿي، ۽ ھڪڙو ماڻھو ماريئہ پوءِ تو کي ڏک کان ڇڏايوسين ۽ تو کي پرکڻ طرح پرکيوسون، پوءِ مدين وارن ۾ ڪيترائي ورھيہ رھين، وري اي موسىٰ! تون تقدير (الٰھي) مطابق آئين
وَاصْطَنَعْتُكَ لِنَفْسِي
۽ (اي موسىٰ!) تو کي خاص پاڻ لاءِ بڻايم
اذْهَبْ أَنْتَ وَأَخُوكَ بِآيَاتِي وَلَا تَنِيَا فِي ذِكْرِي
تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجين نشانين سميت (فرعون ڏانھن) وڃو ۽ منھنجي ياد ڪرڻ ۾ سُستي نہ ڪجو
اذْهَبَا إِلَىٰ فِرْعَوْنَ إِنَّهُ طَغَىٰ
فرعون ڏانھن وڃو جو اُھو سرڪش ٿيو آھي
فَقُولَا لَهُ قَوْلًا لَيِّنًا لَعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَوْ يَخْشَىٰ
پوءِ اُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو تہ منَ اُھو نصيحت وٺي يا ڊڄي

Choose other languages: