Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #45 Translated in Sindhi

وَاصْطَنَعْتُكَ لِنَفْسِي
۽ (اي موسىٰ!) تو کي خاص پاڻ لاءِ بڻايم
اذْهَبْ أَنْتَ وَأَخُوكَ بِآيَاتِي وَلَا تَنِيَا فِي ذِكْرِي
تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجين نشانين سميت (فرعون ڏانھن) وڃو ۽ منھنجي ياد ڪرڻ ۾ سُستي نہ ڪجو
اذْهَبَا إِلَىٰ فِرْعَوْنَ إِنَّهُ طَغَىٰ
فرعون ڏانھن وڃو جو اُھو سرڪش ٿيو آھي
فَقُولَا لَهُ قَوْلًا لَيِّنًا لَعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَوْ يَخْشَىٰ
پوءِ اُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو تہ منَ اُھو نصيحت وٺي يا ڊڄي
قَالَا رَبَّنَا إِنَّنَا نَخَافُ أَنْ يَفْرُطَ عَلَيْنَا أَوْ أَنْ يَطْغَىٰ
چيائون تہ اي اسان جا پالڻھار! اسين ڊڄون ٿا تہ متان اسان تي زيادتي ڪري يا حد کان لنگھي

Choose other languages: