Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #32 Translated in Sindhi

أَمْ نَجْعَلُ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ كَالْمُفْسِدِينَ فِي الْأَرْضِ أَمْ نَجْعَلُ الْمُتَّقِينَ كَالْفُجَّارِ
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد وجھڻ وارن جي برابر ڪريون ٿا ڇا؟ يا پرھيزگارن کي بڇڙن وانگر ڪريون ٿا ڇا؟
كِتَابٌ أَنْزَلْنَاهُ إِلَيْكَ مُبَارَكٌ لِيَدَّبَّرُوا آيَاتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُولُو الْأَلْبَابِ
ھيءُ (قرآن) برڪت وارو ڪتاب آھي، جو ان کي تو ڏانھن نازل ڪيوسون تہ (ماڻھو) ان جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن
وَوَهَبْنَا لِدَاوُودَ سُلَيْمَانَ ۚ نِعْمَ الْعَبْدُ ۖ إِنَّهُ أَوَّابٌ
۽ دائود کي سُليمان (نالي پُٽ) عطا ڪيوسون، (سُليمان) چڱو ٻانھو ھو، بيشڪ اُھو (الله ڏانھن) ورڻ وارو ھو
إِذْ عُرِضَ عَلَيْهِ بِالْعَشِيِّ الصَّافِنَاتُ الْجِيَادُ
(ياد ڪر) جڏھن پوياڙيءَ جو تکا گھوڙا وٽس پيش ڪيا ويا
فَقَالَ إِنِّي أَحْبَبْتُ حُبَّ الْخَيْرِ عَنْ ذِكْرِ رَبِّي حَتَّىٰ تَوَارَتْ بِالْحِجَابِ
پوءِ چيائين تہ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان (ڀُلي ھنن گھوڙن جي) مال جي پيار کي (وڌيڪ) دوست رکيو، تان جو (سج) اوٽ جي پٺيان لڪيو (۽ وچين نماز قضا ٿي)

Choose other languages: