Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #34 Translated in Sindhi

وَوَهَبْنَا لِدَاوُودَ سُلَيْمَانَ ۚ نِعْمَ الْعَبْدُ ۖ إِنَّهُ أَوَّابٌ
۽ دائود کي سُليمان (نالي پُٽ) عطا ڪيوسون، (سُليمان) چڱو ٻانھو ھو، بيشڪ اُھو (الله ڏانھن) ورڻ وارو ھو
إِذْ عُرِضَ عَلَيْهِ بِالْعَشِيِّ الصَّافِنَاتُ الْجِيَادُ
(ياد ڪر) جڏھن پوياڙيءَ جو تکا گھوڙا وٽس پيش ڪيا ويا
فَقَالَ إِنِّي أَحْبَبْتُ حُبَّ الْخَيْرِ عَنْ ذِكْرِ رَبِّي حَتَّىٰ تَوَارَتْ بِالْحِجَابِ
پوءِ چيائين تہ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان (ڀُلي ھنن گھوڙن جي) مال جي پيار کي (وڌيڪ) دوست رکيو، تان جو (سج) اوٽ جي پٺيان لڪيو (۽ وچين نماز قضا ٿي)
رُدُّوهَا عَلَيَّ ۖ فَطَفِقَ مَسْحًا بِالسُّوقِ وَالْأَعْنَاقِ
(چيائين تہ ھنن) گھوڙن کي مون وٽ موٽائي آڻيو، پوءِ (گھوڙن جي) ڄنگھن ۽ ڪنڌن تي (ڪھڻ لاءِ) ھٿ لائڻ شروع ڪيائين
وَلَقَدْ فَتَنَّا سُلَيْمَانَ وَأَلْقَيْنَا عَلَىٰ كُرْسِيِّهِ جَسَدًا ثُمَّ أَنَابَ
۽ بيشڪ سليمان کي پرکيوسون ۽ سندس تخت تي ھڪ ڌڙ اُڇليوسون وري (الله ڏانھن) موٽيو

Choose other languages: