Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #31 Translated in Sindhi

وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاءَ وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا بَاطِلًا ۚ ذَٰلِكَ ظَنُّ الَّذِينَ كَفَرُوا ۚ فَوَيْلٌ لِلَّذِينَ كَفَرُوا مِنَ النَّارِ
۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي، سو اجايو نہ بڻايوسون، اِھو ڪافرن جو گمان آھي، تنھنڪري ڪافرن لاءِ باھ (جي عذاب) جي خرابي آھي
أَمْ نَجْعَلُ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ كَالْمُفْسِدِينَ فِي الْأَرْضِ أَمْ نَجْعَلُ الْمُتَّقِينَ كَالْفُجَّارِ
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد وجھڻ وارن جي برابر ڪريون ٿا ڇا؟ يا پرھيزگارن کي بڇڙن وانگر ڪريون ٿا ڇا؟
كِتَابٌ أَنْزَلْنَاهُ إِلَيْكَ مُبَارَكٌ لِيَدَّبَّرُوا آيَاتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُولُو الْأَلْبَابِ
ھيءُ (قرآن) برڪت وارو ڪتاب آھي، جو ان کي تو ڏانھن نازل ڪيوسون تہ (ماڻھو) ان جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن
وَوَهَبْنَا لِدَاوُودَ سُلَيْمَانَ ۚ نِعْمَ الْعَبْدُ ۖ إِنَّهُ أَوَّابٌ
۽ دائود کي سُليمان (نالي پُٽ) عطا ڪيوسون، (سُليمان) چڱو ٻانھو ھو، بيشڪ اُھو (الله ڏانھن) ورڻ وارو ھو
إِذْ عُرِضَ عَلَيْهِ بِالْعَشِيِّ الصَّافِنَاتُ الْجِيَادُ
(ياد ڪر) جڏھن پوياڙيءَ جو تکا گھوڙا وٽس پيش ڪيا ويا

Choose other languages: