Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #22 Translated in Sindhi

إِنَّا سَخَّرْنَا الْجِبَالَ مَعَهُ يُسَبِّحْنَ بِالْعَشِيِّ وَالْإِشْرَاقِ
بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو (جو) سانجھيءَ ۽ صبح جو (ساڻس) تسبيحون پڙھندا ھئا
وَالطَّيْرَ مَحْشُورَةً ۖ كُلٌّ لَهُ أَوَّابٌ
۽ گڏ ڪيل پکين کي بہ (سندس تابع ڪيوسين)، ھر ھڪ (تسبيح گڏ چوڻ ۾) سندس فرمانبردار ھو
وَشَدَدْنَا مُلْكَهُ وَآتَيْنَاهُ الْحِكْمَةَ وَفَصْلَ الْخِطَابِ
۽ سندس بادشاھيءَ کي مضبوط ڪيوسين ۽ کيس دانائي ۽ فيصلي ڪرڻ جي تدبير ڏني سون
وَهَلْ أَتَاكَ نَبَأُ الْخَصْمِ إِذْ تَسَوَّرُوا الْمِحْرَابَ
۽ (پاڻ ۾ ٻن) وڙھندڙن جي خبر تو وٽ نہ پھتي آھي ڇا؟ جڏھن اُھي ڀٽ ٽپي ھجري ۾ آيا
إِذْ دَخَلُوا عَلَىٰ دَاوُودَ فَفَزِعَ مِنْهُمْ ۖ قَالُوا لَا تَخَفْ ۖ خَصْمَانِ بَغَىٰ بَعْضُنَا عَلَىٰ بَعْضٍ فَاحْكُمْ بَيْنَنَا بِالْحَقِّ وَلَا تُشْطِطْ وَاهْدِنَا إِلَىٰ سَوَاءِ الصِّرَاطِ
جڏھن دائود وٽ (اندر) پھتا تڏھن (ھو) کانئن ڊڄي ويو، چيائون تہ، نہ ڊڄ! (اسين) ٻہ جھڳڙو ڪندڙ آھيون، اسان مون ھڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آھي، تنھنڪري اسان جي وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪر ۽ (فيصلي ۾) بي انصافي نہ ڪر ۽ اسان کي سڌيءَ واٽ ڏانھن رستي لاءِ

Choose other languages: