Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #21 Translated in Sindhi

اصْبِرْ عَلَىٰ مَا يَقُولُونَ وَاذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوُودَ ذَا الْأَيْدِ ۖ إِنَّهُ أَوَّابٌ
(اي پيغمبر) جيڪي چوندا آھن، تنھن تي صبر ڪر ۽ اسان جي سگھ واري ٻانھي دائود کي ياد ڪر، بيشڪ اُھو رجوع ڪرڻ وارو ھو
إِنَّا سَخَّرْنَا الْجِبَالَ مَعَهُ يُسَبِّحْنَ بِالْعَشِيِّ وَالْإِشْرَاقِ
بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو (جو) سانجھيءَ ۽ صبح جو (ساڻس) تسبيحون پڙھندا ھئا
وَالطَّيْرَ مَحْشُورَةً ۖ كُلٌّ لَهُ أَوَّابٌ
۽ گڏ ڪيل پکين کي بہ (سندس تابع ڪيوسين)، ھر ھڪ (تسبيح گڏ چوڻ ۾) سندس فرمانبردار ھو
وَشَدَدْنَا مُلْكَهُ وَآتَيْنَاهُ الْحِكْمَةَ وَفَصْلَ الْخِطَابِ
۽ سندس بادشاھيءَ کي مضبوط ڪيوسين ۽ کيس دانائي ۽ فيصلي ڪرڻ جي تدبير ڏني سون
وَهَلْ أَتَاكَ نَبَأُ الْخَصْمِ إِذْ تَسَوَّرُوا الْمِحْرَابَ
۽ (پاڻ ۾ ٻن) وڙھندڙن جي خبر تو وٽ نہ پھتي آھي ڇا؟ جڏھن اُھي ڀٽ ٽپي ھجري ۾ آيا

Choose other languages: