Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #23 Translated in Sindhi

وَالطَّيْرَ مَحْشُورَةً ۖ كُلٌّ لَهُ أَوَّابٌ
۽ گڏ ڪيل پکين کي بہ (سندس تابع ڪيوسين)، ھر ھڪ (تسبيح گڏ چوڻ ۾) سندس فرمانبردار ھو
وَشَدَدْنَا مُلْكَهُ وَآتَيْنَاهُ الْحِكْمَةَ وَفَصْلَ الْخِطَابِ
۽ سندس بادشاھيءَ کي مضبوط ڪيوسين ۽ کيس دانائي ۽ فيصلي ڪرڻ جي تدبير ڏني سون
وَهَلْ أَتَاكَ نَبَأُ الْخَصْمِ إِذْ تَسَوَّرُوا الْمِحْرَابَ
۽ (پاڻ ۾ ٻن) وڙھندڙن جي خبر تو وٽ نہ پھتي آھي ڇا؟ جڏھن اُھي ڀٽ ٽپي ھجري ۾ آيا
إِذْ دَخَلُوا عَلَىٰ دَاوُودَ فَفَزِعَ مِنْهُمْ ۖ قَالُوا لَا تَخَفْ ۖ خَصْمَانِ بَغَىٰ بَعْضُنَا عَلَىٰ بَعْضٍ فَاحْكُمْ بَيْنَنَا بِالْحَقِّ وَلَا تُشْطِطْ وَاهْدِنَا إِلَىٰ سَوَاءِ الصِّرَاطِ
جڏھن دائود وٽ (اندر) پھتا تڏھن (ھو) کانئن ڊڄي ويو، چيائون تہ، نہ ڊڄ! (اسين) ٻہ جھڳڙو ڪندڙ آھيون، اسان مون ھڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آھي، تنھنڪري اسان جي وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪر ۽ (فيصلي ۾) بي انصافي نہ ڪر ۽ اسان کي سڌيءَ واٽ ڏانھن رستي لاءِ
إِنَّ هَٰذَا أَخِي لَهُ تِسْعٌ وَتِسْعُونَ نَعْجَةً وَلِيَ نَعْجَةٌ وَاحِدَةٌ فَقَالَ أَكْفِلْنِيهَا وَعَزَّنِي فِي الْخِطَابِ
بيشڪ، ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، جنھن کي نوانوي رڍون آھن ۽ مون کي ھڪ رڍ آھي، پوءِ ھن چيو تہ، اِھا (ھڪ رڍ) بہ منھنجي حوالي ڪر ۽ مون تي ڳالھائڻ ۾ سختي ڪري رھيو آھي

Choose other languages: