Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #13 Translated in Sindhi

وَلَئِنْ أَذَقْنَا الْإِنْسَانَ مِنَّا رَحْمَةً ثُمَّ نَزَعْنَاهَا مِنْهُ إِنَّهُ لَيَئُوسٌ كَفُورٌ
۽ جيڪڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکايون ٿا ۽ وري اُھا کانئس کسيون ٿا، تہ اُھو نااُميد بيشڪر (بڻجندو) آھي
وَلَئِنْ أَذَقْنَاهُ نَعْمَاءَ بَعْدَ ضَرَّاءَ مَسَّتْهُ لَيَقُولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّئَاتُ عَنِّي ۚ إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخُورٌ
۽ جيڪڏھن اُن کي ڏک پھچڻ کانپوءِ سُک پُھچايون تہ ضرور چوندو تہ مون کان ڏک ويا، اُھو پڪ سرھو وڏائي ڪندڙ ٿيندو آھي
إِلَّا الَّذِينَ صَبَرُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ أُولَٰئِكَ لَهُمْ مَغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ كَبِيرٌ
پر جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اَجر آھي
فَلَعَلَّكَ تَارِكٌ بَعْضَ مَا يُوحَىٰ إِلَيْكَ وَضَائِقٌ بِهِ صَدْرُكَ أَنْ يَقُولُوا لَوْلَا أُنْزِلَ عَلَيْهِ كَنْزٌ أَوْ جَاءَ مَعَهُ مَلَكٌ ۚ إِنَّمَا أَنْتَ نَذِيرٌ ۚ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ وَكِيلٌ
پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪي تو ڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھن مان متان ڪي ڇڏي ڏئين ۽ (پڻ) متان دل تنگ ڪرين ڪافرن جي ھن چوڻ ڪري تہ مٿس خزانو ڇو نہ لاٿو ويو؟ يا ملائڪ ساڻس ڇو نہ آيو؟ (نہ ڇڏ ۽ نہ دل تنگ ڪر)، ڇو تہ تون ڊيڄاريندڙ ئي آھين ۽ الله ھر شئي جو سنڀاليندڙ آھي
أَمْ يَقُولُونَ افْتَرَاهُ ۖ قُلْ فَأْتُوا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِثْلِهِ مُفْتَرَيَاتٍ وَادْعُوا مَنِ اسْتَطَعْتُمْ مِنْ دُونِ اللَّهِ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
بلڪ (ايئن بہ) چون ٿا تہ اُھو (قرآن) پاڻ ٺاھيو اٿس، چئو تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ (اوھين بہ) اُن جھڙيون ڏھ سورتون پاڻون ٺاھيل آڻيو ۽ الله کانسواءِ (ٻـين) جن کي سڏي سگھو تن کي سڏيو

Choose other languages: