Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #16 Translated in Sindhi

فَلَعَلَّكَ تَارِكٌ بَعْضَ مَا يُوحَىٰ إِلَيْكَ وَضَائِقٌ بِهِ صَدْرُكَ أَنْ يَقُولُوا لَوْلَا أُنْزِلَ عَلَيْهِ كَنْزٌ أَوْ جَاءَ مَعَهُ مَلَكٌ ۚ إِنَّمَا أَنْتَ نَذِيرٌ ۚ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ وَكِيلٌ
پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪي تو ڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھن مان متان ڪي ڇڏي ڏئين ۽ (پڻ) متان دل تنگ ڪرين ڪافرن جي ھن چوڻ ڪري تہ مٿس خزانو ڇو نہ لاٿو ويو؟ يا ملائڪ ساڻس ڇو نہ آيو؟ (نہ ڇڏ ۽ نہ دل تنگ ڪر)، ڇو تہ تون ڊيڄاريندڙ ئي آھين ۽ الله ھر شئي جو سنڀاليندڙ آھي
أَمْ يَقُولُونَ افْتَرَاهُ ۖ قُلْ فَأْتُوا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِثْلِهِ مُفْتَرَيَاتٍ وَادْعُوا مَنِ اسْتَطَعْتُمْ مِنْ دُونِ اللَّهِ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
بلڪ (ايئن بہ) چون ٿا تہ اُھو (قرآن) پاڻ ٺاھيو اٿس، چئو تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ (اوھين بہ) اُن جھڙيون ڏھ سورتون پاڻون ٺاھيل آڻيو ۽ الله کانسواءِ (ٻـين) جن کي سڏي سگھو تن کي سڏيو
فَإِلَّمْ يَسْتَجِيبُوا لَكُمْ فَاعْلَمُوا أَنَّمَا أُنْزِلَ بِعِلْمِ اللَّهِ وَأَنْ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ فَهَلْ أَنْتُمْ مُسْلِمُونَ
پوءِ جيڪڏھن اوھان جو (اِھو چوڻ) قبول نہ ڪن تہ ڄاڻو تہ (اُھو قرآن) رڳو الله جي علم سان لاٿو ويو آھي ۽ (ڄاڻو) تہ اُن کان سواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، پوءِ اوھين اسلام تي (مُحڪم) ڇو نہ رھندؤ؟
مَنْ كَانَ يُرِيدُ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا وَزِينَتَهَا نُوَفِّ إِلَيْهِمْ أَعْمَالَهُمْ فِيهَا وَهُمْ فِيهَا لَا يُبْخَسُونَ
جيڪو دنيا جي حياتي ۽ سندس سينگار گھرندا ھجن تن کي دنيا ۾ (ئي) سندن عملن جو اُجورو پورو ڏينداسون ۽ انھن کي اُن ۾ گھٽ نہ ڏبو
أُولَٰئِكَ الَّذِينَ لَيْسَ لَهُمْ فِي الْآخِرَةِ إِلَّا النَّارُ ۖ وَحَبِطَ مَا صَنَعُوا فِيهَا وَبَاطِلٌ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
اِھي اُھي آھن جن لاءِ آخرت ۾ باھ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نہ آھي، ۽ جيڪي دنيا ۾ ڪيائون سو چٽ ٿيو ۽ جيڪي ڪمائيندا ھئا سو باطل ٿيو

Choose other languages: