Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #12 Translated in Sindhi

وَلَئِنْ أَخَّرْنَا عَنْهُمُ الْعَذَابَ إِلَىٰ أُمَّةٍ مَعْدُودَةٍ لَيَقُولُنَّ مَا يَحْبِسُهُ ۗ أَلَا يَوْمَ يَأْتِيهِمْ لَيْسَ مَصْرُوفًا عَنْهُمْ وَحَاقَ بِهِمْ مَا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ
۽ جيڪڏھن ڪنھن مقرر ڪيل مدت تائين کانئن عذاب کڻي ھٽايون تہ ضرور چوندا تہ اُن کي ڪنھن جھليو آھي؟ خبردار جنھن ڏينھن (اُھو عذاب) وٽن ايندو (تنھن ڏينھن) کانئن ٽرڻو نہ آھي ۽ جنھن (شئي) سان ٺـٺوليون ڪندا ھئا سا کين وڪوڙي ويندي
وَلَئِنْ أَذَقْنَا الْإِنْسَانَ مِنَّا رَحْمَةً ثُمَّ نَزَعْنَاهَا مِنْهُ إِنَّهُ لَيَئُوسٌ كَفُورٌ
۽ جيڪڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکايون ٿا ۽ وري اُھا کانئس کسيون ٿا، تہ اُھو نااُميد بيشڪر (بڻجندو) آھي
وَلَئِنْ أَذَقْنَاهُ نَعْمَاءَ بَعْدَ ضَرَّاءَ مَسَّتْهُ لَيَقُولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّئَاتُ عَنِّي ۚ إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخُورٌ
۽ جيڪڏھن اُن کي ڏک پھچڻ کانپوءِ سُک پُھچايون تہ ضرور چوندو تہ مون کان ڏک ويا، اُھو پڪ سرھو وڏائي ڪندڙ ٿيندو آھي
إِلَّا الَّذِينَ صَبَرُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ أُولَٰئِكَ لَهُمْ مَغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ كَبِيرٌ
پر جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اَجر آھي
فَلَعَلَّكَ تَارِكٌ بَعْضَ مَا يُوحَىٰ إِلَيْكَ وَضَائِقٌ بِهِ صَدْرُكَ أَنْ يَقُولُوا لَوْلَا أُنْزِلَ عَلَيْهِ كَنْزٌ أَوْ جَاءَ مَعَهُ مَلَكٌ ۚ إِنَّمَا أَنْتَ نَذِيرٌ ۚ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ وَكِيلٌ
پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪي تو ڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھن مان متان ڪي ڇڏي ڏئين ۽ (پڻ) متان دل تنگ ڪرين ڪافرن جي ھن چوڻ ڪري تہ مٿس خزانو ڇو نہ لاٿو ويو؟ يا ملائڪ ساڻس ڇو نہ آيو؟ (نہ ڇڏ ۽ نہ دل تنگ ڪر)، ڇو تہ تون ڊيڄاريندڙ ئي آھين ۽ الله ھر شئي جو سنڀاليندڙ آھي

Choose other languages: