Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #71 Translated in Sindhi

هُوَ الَّذِي خَلَقَكُمْ مِنْ تُرَابٍ ثُمَّ مِنْ نُطْفَةٍ ثُمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُمَّ لِتَبْلُغُوا أَشُدَّكُمْ ثُمَّ لِتَكُونُوا شُيُوخًا ۚ وَمِنْكُمْ مَنْ يُتَوَفَّىٰ مِنْ قَبْلُ ۖ وَلِتَبْلُغُوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ
(الله) اُھو آھي، جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو، وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري اوھان کي ٻار ڪري ڪڍي ٿو وري (وڏو ڪري ٿو) تہ ڀل (اوھين) پنھنجي پوريءَ جوانيءَ کي پُھچو، وري (وڏو ڪري ٿو) تہ ڀل ٻُڍڙا ٿيو، اوھان مان ڪو (اِن کان) اڳ ماربو آھي ۽ (ڪن کي ڇڏي ٿو) تہ مقرر مدت کي پھچو ۽ تہ منَ اوھين سمجھو
هُوَ الَّذِي يُحْيِي وَيُمِيتُ ۖ فَإِذَا قَضَىٰ أَمْرًا فَإِنَّمَا يَقُولُ لَهُ كُنْ فَيَكُونُ
(الله) اُھو آھي، جيڪو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، پوءِ جڏھن ڪنھن ڪم جو حُڪم ڪندو آھي، تڏھن اُن کي رڳو چوندو آھي تہ ٿيءُ تہ ٿي پوندو آھي
أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ يُجَادِلُونَ فِي آيَاتِ اللَّهِ أَنَّىٰ يُصْرَفُونَ
(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿيئي ڇا جيڪي الله جي آيتن بابت جھڳڙو ڪندا آھن؟ (اُھي) ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن
الَّذِينَ كَذَّبُوا بِالْكِتَابِ وَبِمَا أَرْسَلْنَا بِهِ رُسُلَنَا ۖ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
جن ڪتاب کي ڪُوڙو ڄاتو ۽ جنھن (شئي) سان پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون تنھن کي (بہ)، سي سگھوئي ڄاڻندا
إِذِ الْأَغْلَالُ فِي أَعْنَاقِهِمْ وَالسَّلَاسِلُ يُسْحَبُونَ
جڏھن سندن ڳِچين ۾ ڳَٽ ۽ زنجير (ھوندا)، اُھي گِھلبا

Choose other languages: