Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #74 Translated in Sindhi

الَّذِينَ كَذَّبُوا بِالْكِتَابِ وَبِمَا أَرْسَلْنَا بِهِ رُسُلَنَا ۖ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
جن ڪتاب کي ڪُوڙو ڄاتو ۽ جنھن (شئي) سان پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون تنھن کي (بہ)، سي سگھوئي ڄاڻندا
إِذِ الْأَغْلَالُ فِي أَعْنَاقِهِمْ وَالسَّلَاسِلُ يُسْحَبُونَ
جڏھن سندن ڳِچين ۾ ڳَٽ ۽ زنجير (ھوندا)، اُھي گِھلبا
فِي الْحَمِيمِ ثُمَّ فِي النَّارِ يُسْجَرُونَ
ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾، وري باھ ۾ ٽچڪايا ويندا
ثُمَّ قِيلَ لَهُمْ أَيْنَ مَا كُنْتُمْ تُشْرِكُونَ
وري کين چئبو تہ جيڪي اوھين شريڪ ٺھرائيندا ھئو، سي ڪٿي آھن؟
مِنْ دُونِ اللَّهِ ۖ قَالُوا ضَلُّوا عَنَّا بَلْ لَمْ نَكُنْ نَدْعُو مِنْ قَبْلُ شَيْئًا ۚ كَذَٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الْكَافِرِينَ
الله ڌاران (ٻيا) (اُھي) چوندا تہ اسان (جي نظر) کان گُم ٿي ويا، بلڪ اسين تہ ڪنھن شئي کي بہ اڳي نہ پوڄيندا ھئاسون، اھڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گُمراھ ڪندو آھي

Choose other languages: