Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #73 Translated in Sindhi

أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ يُجَادِلُونَ فِي آيَاتِ اللَّهِ أَنَّىٰ يُصْرَفُونَ
(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿيئي ڇا جيڪي الله جي آيتن بابت جھڳڙو ڪندا آھن؟ (اُھي) ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن
الَّذِينَ كَذَّبُوا بِالْكِتَابِ وَبِمَا أَرْسَلْنَا بِهِ رُسُلَنَا ۖ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
جن ڪتاب کي ڪُوڙو ڄاتو ۽ جنھن (شئي) سان پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون تنھن کي (بہ)، سي سگھوئي ڄاڻندا
إِذِ الْأَغْلَالُ فِي أَعْنَاقِهِمْ وَالسَّلَاسِلُ يُسْحَبُونَ
جڏھن سندن ڳِچين ۾ ڳَٽ ۽ زنجير (ھوندا)، اُھي گِھلبا
فِي الْحَمِيمِ ثُمَّ فِي النَّارِ يُسْجَرُونَ
ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾، وري باھ ۾ ٽچڪايا ويندا
ثُمَّ قِيلَ لَهُمْ أَيْنَ مَا كُنْتُمْ تُشْرِكُونَ
وري کين چئبو تہ جيڪي اوھين شريڪ ٺھرائيندا ھئو، سي ڪٿي آھن؟

Choose other languages: