Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #72 Translated in Sindhi

هُوَ الَّذِي يُحْيِي وَيُمِيتُ ۖ فَإِذَا قَضَىٰ أَمْرًا فَإِنَّمَا يَقُولُ لَهُ كُنْ فَيَكُونُ
(الله) اُھو آھي، جيڪو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، پوءِ جڏھن ڪنھن ڪم جو حُڪم ڪندو آھي، تڏھن اُن کي رڳو چوندو آھي تہ ٿيءُ تہ ٿي پوندو آھي
أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ يُجَادِلُونَ فِي آيَاتِ اللَّهِ أَنَّىٰ يُصْرَفُونَ
(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿيئي ڇا جيڪي الله جي آيتن بابت جھڳڙو ڪندا آھن؟ (اُھي) ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن
الَّذِينَ كَذَّبُوا بِالْكِتَابِ وَبِمَا أَرْسَلْنَا بِهِ رُسُلَنَا ۖ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
جن ڪتاب کي ڪُوڙو ڄاتو ۽ جنھن (شئي) سان پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون تنھن کي (بہ)، سي سگھوئي ڄاڻندا
إِذِ الْأَغْلَالُ فِي أَعْنَاقِهِمْ وَالسَّلَاسِلُ يُسْحَبُونَ
جڏھن سندن ڳِچين ۾ ڳَٽ ۽ زنجير (ھوندا)، اُھي گِھلبا
فِي الْحَمِيمِ ثُمَّ فِي النَّارِ يُسْجَرُونَ
ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾، وري باھ ۾ ٽچڪايا ويندا

Choose other languages: