Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #55 Translated in Sindhi

إِنَّا لَنَنْصُرُ رُسُلَنَا وَالَّذِينَ آمَنُوا فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَيَوْمَ يَقُومُ الْأَشْهَادُ
بيشڪ اسين پنھنجن پيغمبرن جي ۽ مؤمنن جي دنيا جي حياتيءَ ۾ ضرور مدد ڪنداسون ۽ جنھن ڏينھن شاھد کڙا ٿيندا (تنھن ڏينھن بہ مدد ڪنداسون)
يَوْمَ لَا يَنْفَعُ الظَّالِمِينَ مَعْذِرَتُهُمْ ۖ وَلَهُمُ اللَّعْنَةُ وَلَهُمْ سُوءُ الدَّارِ
جنھن ڏينھن ظالمن کي سندن بھانو نفعو نہ ڏيندو ۽ کين لعنت آھي ۽ انھن لاءِ (اُتي) بُڇڙي جاءِ آھي
وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْهُدَىٰ وَأَوْرَثْنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ الْكِتَابَ
۽ بيشڪ موسىٰ کي ھدايت ڏني سون ۽ بني اسرائيلن کي ڪتاب جو وارث ڪيوسون
هُدًى وَذِكْرَىٰ لِأُولِي الْأَلْبَابِ
جو ڌيان وارن جي سمجھائڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ آھي
فَاصْبِرْ إِنَّ وَعْدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْبِكَ وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ بِالْعَشِيِّ وَالْإِبْكَارِ
پوءِ (اي پيغمبر!) صبر ڪر، ڇو تہ الله جو وعدو سچو آھي ۽ پنھنجي گناھ جي بخشش گھر ۽ صبح سانجھيءَ جو پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر

Choose other languages: