Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #56 Translated in Sindhi

يَوْمَ لَا يَنْفَعُ الظَّالِمِينَ مَعْذِرَتُهُمْ ۖ وَلَهُمُ اللَّعْنَةُ وَلَهُمْ سُوءُ الدَّارِ
جنھن ڏينھن ظالمن کي سندن بھانو نفعو نہ ڏيندو ۽ کين لعنت آھي ۽ انھن لاءِ (اُتي) بُڇڙي جاءِ آھي
وَلَقَدْ آتَيْنَا مُوسَى الْهُدَىٰ وَأَوْرَثْنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ الْكِتَابَ
۽ بيشڪ موسىٰ کي ھدايت ڏني سون ۽ بني اسرائيلن کي ڪتاب جو وارث ڪيوسون
هُدًى وَذِكْرَىٰ لِأُولِي الْأَلْبَابِ
جو ڌيان وارن جي سمجھائڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ آھي
فَاصْبِرْ إِنَّ وَعْدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْبِكَ وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ بِالْعَشِيِّ وَالْإِبْكَارِ
پوءِ (اي پيغمبر!) صبر ڪر، ڇو تہ الله جو وعدو سچو آھي ۽ پنھنجي گناھ جي بخشش گھر ۽ صبح سانجھيءَ جو پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر
إِنَّ الَّذِينَ يُجَادِلُونَ فِي آيَاتِ اللَّهِ بِغَيْرِ سُلْطَانٍ أَتَاهُمْ ۙ إِنْ فِي صُدُورِهِمْ إِلَّا كِبْرٌ مَا هُمْ بِبَالِغِيهِ ۚ فَاسْتَعِذْ بِاللَّهِ ۖ إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْبَصِيرُ
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن بابت (اُنھيءَ) حجت بنا جا وٽن آئي ھجي جھڳڙو ڪندا آھن، تن جي سينن ۾ وڏائيءَ (جي ارادي) کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ نہ آھي، جنھن کي اُھي پُھچڻ وارا نہ آھن، پوءِ الله جي پناھ گھر، ڇو تہ اُھو ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي

Choose other languages: