Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #59 Translated in Sindhi

فَاصْبِرْ إِنَّ وَعْدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْبِكَ وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ بِالْعَشِيِّ وَالْإِبْكَارِ
پوءِ (اي پيغمبر!) صبر ڪر، ڇو تہ الله جو وعدو سچو آھي ۽ پنھنجي گناھ جي بخشش گھر ۽ صبح سانجھيءَ جو پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر
إِنَّ الَّذِينَ يُجَادِلُونَ فِي آيَاتِ اللَّهِ بِغَيْرِ سُلْطَانٍ أَتَاهُمْ ۙ إِنْ فِي صُدُورِهِمْ إِلَّا كِبْرٌ مَا هُمْ بِبَالِغِيهِ ۚ فَاسْتَعِذْ بِاللَّهِ ۖ إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْبَصِيرُ
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن بابت (اُنھيءَ) حجت بنا جا وٽن آئي ھجي جھڳڙو ڪندا آھن، تن جي سينن ۾ وڏائيءَ (جي ارادي) کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ نہ آھي، جنھن کي اُھي پُھچڻ وارا نہ آھن، پوءِ الله جي پناھ گھر، ڇو تہ اُھو ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي
لَخَلْقُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ أَكْبَرُ مِنْ خَلْقِ النَّاسِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت ماڻھن جي پيدا ڪرڻ کان تمام وڏي آھي، پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
وَمَا يَسْتَوِي الْأَعْمَىٰ وَالْبَصِيرُ وَالَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ وَلَا الْمُسِيءُ ۚ قَلِيلًا مَا تَتَذَكَّرُونَ
۽ انڌو ۽ سڄو (پاڻ) ۾ برابر نہ آھي، ۽ (نڪي) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا (سي) ۽ نڪي مدائيءَ ڪرڻ وارو (برابر آھن) اوھين گھٽ نصيحت وٺندا آھيو
إِنَّ السَّاعَةَ لَآتِيَةٌ لَا رَيْبَ فِيهَا وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُونَ
بيشڪ قيامت ضرور اچڻي آھي، منجھس ڪو شڪ نہ آھي، پر گھڻا ماڻھو ويساھ نہ رکندا آھن

Choose other languages: