Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #62 Translated in Sindhi

وَمَا يَسْتَوِي الْأَعْمَىٰ وَالْبَصِيرُ وَالَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ وَلَا الْمُسِيءُ ۚ قَلِيلًا مَا تَتَذَكَّرُونَ
۽ انڌو ۽ سڄو (پاڻ) ۾ برابر نہ آھي، ۽ (نڪي) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا (سي) ۽ نڪي مدائيءَ ڪرڻ وارو (برابر آھن) اوھين گھٽ نصيحت وٺندا آھيو
إِنَّ السَّاعَةَ لَآتِيَةٌ لَا رَيْبَ فِيهَا وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُونَ
بيشڪ قيامت ضرور اچڻي آھي، منجھس ڪو شڪ نہ آھي، پر گھڻا ماڻھو ويساھ نہ رکندا آھن
وَقَالَ رَبُّكُمُ ادْعُونِي أَسْتَجِبْ لَكُمْ ۚ إِنَّ الَّذِينَ يَسْتَكْبِرُونَ عَنْ عِبَادَتِي سَيَدْخُلُونَ جَهَنَّمَ دَاخِرِينَ
۽ اوھان جو پالڻھار فرمائي ٿو تہ، اوھين مون کان دُعا گھرو تہ اوھان جي دُعا قبول ڪريان، بيشڪ جيڪي منھنجي عبادت کان وڏائي ڪندا آھن، سي خوار ٿي دوزخ ۾ سگھوئي گھڙندا
اللَّهُ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ اللَّيْلَ لِتَسْكُنُوا فِيهِ وَالنَّهَارَ مُبْصِرًا ۚ إِنَّ اللَّهَ لَذُو فَضْلٍ عَلَى النَّاسِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَشْكُرُونَ
الله اُھو آھي، جنھن اوھان لاءِ رات کي پيدا ڪيو تہ منجھس آرام وٺو ۽ ڏينھن کي اوھان جي (ھڪ ٻئي کي) ڏسڻ لاءِ (پيدا ڪيو) بيشڪ الله ماڻھن تي فضل (ڪرڻ) وارو آھي، پر گھڻا ماڻھو شڪر نہ ڪندا آھن
ذَٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمْ خَالِقُ كُلِّ شَيْءٍ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ فَأَنَّىٰ تُؤْفَكُونَ
اھو الله اوھان جو پالڻھار، ھر شئي کي خلقيندڙ آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جي لائق نہ آھي پوءِ اوھين ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو؟

Choose other languages: