Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #65 Translated in Sindhi

اللَّهُ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ اللَّيْلَ لِتَسْكُنُوا فِيهِ وَالنَّهَارَ مُبْصِرًا ۚ إِنَّ اللَّهَ لَذُو فَضْلٍ عَلَى النَّاسِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَشْكُرُونَ
الله اُھو آھي، جنھن اوھان لاءِ رات کي پيدا ڪيو تہ منجھس آرام وٺو ۽ ڏينھن کي اوھان جي (ھڪ ٻئي کي) ڏسڻ لاءِ (پيدا ڪيو) بيشڪ الله ماڻھن تي فضل (ڪرڻ) وارو آھي، پر گھڻا ماڻھو شڪر نہ ڪندا آھن
ذَٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمْ خَالِقُ كُلِّ شَيْءٍ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ فَأَنَّىٰ تُؤْفَكُونَ
اھو الله اوھان جو پالڻھار، ھر شئي کي خلقيندڙ آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جي لائق نہ آھي پوءِ اوھين ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو؟
كَذَٰلِكَ يُؤْفَكُ الَّذِينَ كَانُوا بِآيَاتِ اللَّهِ يَجْحَدُونَ
اھڙيءَ طرح اھي (سنئين واٽ کان) ڀُلائبا آھن جن الله جي آيتن جو انڪار ٿي ڪيو
اللَّهُ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ الْأَرْضَ قَرَارًا وَالسَّمَاءَ بِنَاءً وَصَوَّرَكُمْ فَأَحْسَنَ صُوَرَكُمْ وَرَزَقَكُمْ مِنَ الطَّيِّبَاتِ ۚ ذَٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمْ ۖ فَتَبَارَكَ اللَّهُ رَبُّ الْعَالَمِينَ
الله اُھو آھي، جنھن اوھان لاءِ زمين کي آرام جو ھنڌ ۽ آسمان کي ڇت بڻايو ۽ اوھان جي شڪل ٺاھيائين، پوءِ اوھان جون شڪليون تمام چڱيون بڻايائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين، اھو الله اوھان جو پالڻھار آھي، پوءِ جھانن جو پالڻھار وڏيءَ برڪت وارو آھي
هُوَ الْحَيُّ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ فَادْعُوهُ مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّينَ ۗ الْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
اُُھو (سدائين) جيئرو آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، تنھنڪري اُن لاءِ (پنھنجيءَ) عبادت کي خالص ڪري کيس سڏيو، سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي

Choose other languages: