Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #68 Translated in Sindhi

اللَّهُ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ الْأَرْضَ قَرَارًا وَالسَّمَاءَ بِنَاءً وَصَوَّرَكُمْ فَأَحْسَنَ صُوَرَكُمْ وَرَزَقَكُمْ مِنَ الطَّيِّبَاتِ ۚ ذَٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمْ ۖ فَتَبَارَكَ اللَّهُ رَبُّ الْعَالَمِينَ
الله اُھو آھي، جنھن اوھان لاءِ زمين کي آرام جو ھنڌ ۽ آسمان کي ڇت بڻايو ۽ اوھان جي شڪل ٺاھيائين، پوءِ اوھان جون شڪليون تمام چڱيون بڻايائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين، اھو الله اوھان جو پالڻھار آھي، پوءِ جھانن جو پالڻھار وڏيءَ برڪت وارو آھي
هُوَ الْحَيُّ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ فَادْعُوهُ مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّينَ ۗ الْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
اُُھو (سدائين) جيئرو آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، تنھنڪري اُن لاءِ (پنھنجيءَ) عبادت کي خالص ڪري کيس سڏيو، سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي
قُلْ إِنِّي نُهِيتُ أَنْ أَعْبُدَ الَّذِينَ تَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ لَمَّا جَاءَنِيَ الْبَيِّنَاتُ مِنْ رَبِّي وَأُمِرْتُ أَنْ أُسْلِمَ لِرَبِّ الْعَالَمِينَ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ الله کانسواءِ جن کي (اوھين) سڏيندا آھيو، تن جي پوڄڻ کان، جڏھن منھنجي پالڻھار وٽان مون وٽ (صاف) نشانيون آيون (تڏھن اُنھيءَ وقت) بيشڪ آءٌ جھليو ويو آھيان ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آھي تہ جھانن جي پالڻھار جو فرمانبردار ھجان
هُوَ الَّذِي خَلَقَكُمْ مِنْ تُرَابٍ ثُمَّ مِنْ نُطْفَةٍ ثُمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُمَّ لِتَبْلُغُوا أَشُدَّكُمْ ثُمَّ لِتَكُونُوا شُيُوخًا ۚ وَمِنْكُمْ مَنْ يُتَوَفَّىٰ مِنْ قَبْلُ ۖ وَلِتَبْلُغُوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ
(الله) اُھو آھي، جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو، وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري اوھان کي ٻار ڪري ڪڍي ٿو وري (وڏو ڪري ٿو) تہ ڀل (اوھين) پنھنجي پوريءَ جوانيءَ کي پُھچو، وري (وڏو ڪري ٿو) تہ ڀل ٻُڍڙا ٿيو، اوھان مان ڪو (اِن کان) اڳ ماربو آھي ۽ (ڪن کي ڇڏي ٿو) تہ مقرر مدت کي پھچو ۽ تہ منَ اوھين سمجھو
هُوَ الَّذِي يُحْيِي وَيُمِيتُ ۖ فَإِذَا قَضَىٰ أَمْرًا فَإِنَّمَا يَقُولُ لَهُ كُنْ فَيَكُونُ
(الله) اُھو آھي، جيڪو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، پوءِ جڏھن ڪنھن ڪم جو حُڪم ڪندو آھي، تڏھن اُن کي رڳو چوندو آھي تہ ٿيءُ تہ ٿي پوندو آھي

Choose other languages: