Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #52 Translated in Sindhi

قَالَ الَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا إِنَّا كُلٌّ فِيهَا إِنَّ اللَّهَ قَدْ حَكَمَ بَيْنَ الْعِبَادِ
ھٺيلا چوندا تہ بيشڪ اسين (پاڻ) سڀ منجھس (پيل) آھيون، ڇو تہ الله ٻانھن جي وچ ۾ نبيرو ڪري چڪو آھي
وَقَالَ الَّذِينَ فِي النَّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادْعُوا رَبَّكُمْ يُخَفِّفْ عَنَّا يَوْمًا مِنَ الْعَذَابِ
۽ دوزخي دوزخ جي داروغن کي چوندا تہ اوھين پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪريو تہ اسان کان ھڪڙو ڏينھن ڪجھ عذاب ھلڪو ڪري
قَالُوا أَوَلَمْ تَكُ تَأْتِيكُمْ رُسُلُكُمْ بِالْبَيِّنَاتِ ۖ قَالُوا بَلَىٰ ۚ قَالُوا فَادْعُوا ۗ وَمَا دُعَاءُ الْكَافِرِينَ إِلَّا فِي ضَلَالٍ
(داروغا) چوندا تہ اوھان جا پيغمبر (پڌرن) معجزن سان اوھان وٽ نہ ايندا ھئا ڇا؟ چوندا تہ ھائو (ايندا ھئا)، (داروغا) چوندا تہ پوءِ (اوھين) پاڻ پڪاريو، ۽ ڪافرن جو پڪارڻ رڳو گمراھي ۾ آھي
إِنَّا لَنَنْصُرُ رُسُلَنَا وَالَّذِينَ آمَنُوا فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَيَوْمَ يَقُومُ الْأَشْهَادُ
بيشڪ اسين پنھنجن پيغمبرن جي ۽ مؤمنن جي دنيا جي حياتيءَ ۾ ضرور مدد ڪنداسون ۽ جنھن ڏينھن شاھد کڙا ٿيندا (تنھن ڏينھن بہ مدد ڪنداسون)
يَوْمَ لَا يَنْفَعُ الظَّالِمِينَ مَعْذِرَتُهُمْ ۖ وَلَهُمُ اللَّعْنَةُ وَلَهُمْ سُوءُ الدَّارِ
جنھن ڏينھن ظالمن کي سندن بھانو نفعو نہ ڏيندو ۽ کين لعنت آھي ۽ انھن لاءِ (اُتي) بُڇڙي جاءِ آھي

Choose other languages: