Quran Apps in many lanuages:

Surah Ghafir Ayahs #42 Translated in Sindhi

وَقَالَ الَّذِي آمَنَ يَا قَوْمِ اتَّبِعُونِ أَهْدِكُمْ سَبِيلَ الرَّشَادِ
۽ جنھن ايمان آندو ھو، تنھن چيو تہ، اي منھنجي قوم! منھنجي تابعداري ڪريو تہ (آءٌ) اوھان کي سڌي رستي لايان
يَا قَوْمِ إِنَّمَا هَٰذِهِ الْحَيَاةُ الدُّنْيَا مَتَاعٌ وَإِنَّ الْآخِرَةَ هِيَ دَارُ الْقَرَارِ
اي منھنجي قوم! ھيءَ دنيا جي حياتي (ٿوري) سامان کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ نہ آھي، ۽ بيشڪ آخرت ئي سدائين رھڻ جو ھنڌ آھي
مَنْ عَمِلَ سَيِّئَةً فَلَا يُجْزَىٰ إِلَّا مِثْلَهَا ۖ وَمَنْ عَمِلَ صَالِحًا مِنْ ذَكَرٍ أَوْ أُنْثَىٰ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَأُولَٰئِكَ يَدْخُلُونَ الْجَنَّةَ يُرْزَقُونَ فِيهَا بِغَيْرِ حِسَابٍ
جنھن برو ڪم ڪيو، تنھن کي رڳو اُھڙو بدلو ڏبو، ۽ جنھن چڱو ڪم ڪيو خواھ مرد ھجي خواھ عورت ۽ اُھو مؤمن (بہ) ھجي تہ اُھي بھشت ۾ گھڙندا، منجھس اڻ ڳڻي روزي ڏبن
وَيَا قَوْمِ مَا لِي أَدْعُوكُمْ إِلَى النَّجَاةِ وَتَدْعُونَنِي إِلَى النَّارِ
۽ اي منھنجي قوم! مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو (آءٌ) اوھان کي ڇوٽڪاري ڏانھن سڏيان ٿو ۽ (اوھين) مون کي باھ ڏانھن سڏيو ٿا؟
تَدْعُونَنِي لِأَكْفُرَ بِاللَّهِ وَأُشْرِكَ بِهِ مَا لَيْسَ لِي بِهِ عِلْمٌ وَأَنَا أَدْعُوكُمْ إِلَى الْعَزِيزِ الْغَفَّارِ
(اوھين) مون کي سڏيو ٿا تہ الله جو انڪار ڪريان ۽ ساڻس اھڙي شئي شريڪ ٺھرايان جنھن (جي حقيقت) جي مون کي ڄاڻپ نہ آھي، ۽ آءٌ اوھان کي غالب بخشڻھار ڏانھن سڏيان ٿو

Choose other languages: