Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #33 Translated in Sindhi

وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا رَبَّنَا أَرِنَا اللَّذَيْنِ أَضَلَّانَا مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنْسِ نَجْعَلْهُمَا تَحْتَ أَقْدَامِنَا لِيَكُونَا مِنَ الْأَسْفَلِينَ
۽ ڪافر چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! جنن ۽ ماڻھن مان جن اسان کي گُمراھ ڪيو سي اسان کي ڏيکار تہ پنھنجن پيرن جي ھيٺان ڪري لتاڙيون تہ ڀلي تہ (سڀ کان) ھيٺاھان ھجن
إِنَّ الَّذِينَ قَالُوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوا تَتَنَزَّلُ عَلَيْهِمُ الْمَلَائِكَةُ أَلَّا تَخَافُوا وَلَا تَحْزَنُوا وَأَبْشِرُوا بِالْجَنَّةِ الَّتِي كُنْتُمْ تُوعَدُونَ
بيشڪ جن چيو تہ اسان جو پالڻھار الله آھي، وري (ان ڳالھ تي) پڪا ٿي بيٺا تن تي (موت وقت رحمت جا) ملائڪ لھندا آھن (چوندا اَٿن) تہ (ھاڻي) نہ ڊڄو ۽ نڪي ڳڻتي ڪريو ۽ اُنھيءَ بھشت (جي خوشخبريءَ) سان خوش ٿيو، جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو
نَحْنُ أَوْلِيَاؤُكُمْ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَفِي الْآخِرَةِ ۖ وَلَكُمْ فِيهَا مَا تَشْتَهِي أَنْفُسُكُمْ وَلَكُمْ فِيهَا مَا تَدَّعُونَ
اسين دُنيا جي حياتيءَ ۾ اوھان جا دوست ھئاسون ۽ آخرت ۾ بہ (اوھان جا دوست آھيون)، ۽ جيڪي اوھان جو جيءُ خواھش ڪندو سو اوھان لاءِ منجھس آھي ۽ جيڪي اوھين گھرندؤ سو (پڻ) اوھان لاءِ منجھس آھي
نُزُلًا مِنْ غَفُورٍ رَحِيمٍ
(اِھا) مھماني بخشڻھار مھربان (الله) وٽان آھي
وَمَنْ أَحْسَنُ قَوْلًا مِمَّنْ دَعَا إِلَى اللَّهِ وَعَمِلَ صَالِحًا وَقَالَ إِنَّنِي مِنَ الْمُسْلِمِينَ
۽ اُنھيءَ کان وڌيڪ ڳالھ ۾ ڀلو ڪير آھي، جنھن الله ڏانھن سڏيو ۽ (پاڻ ۾) چڱا ڪم ڪيائين ۽ چيائين تہ بيشڪ آءٌ مُسلمانن مان آھيان؟

Choose other languages: