Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #35 Translated in Sindhi

نَحْنُ أَوْلِيَاؤُكُمْ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَفِي الْآخِرَةِ ۖ وَلَكُمْ فِيهَا مَا تَشْتَهِي أَنْفُسُكُمْ وَلَكُمْ فِيهَا مَا تَدَّعُونَ
اسين دُنيا جي حياتيءَ ۾ اوھان جا دوست ھئاسون ۽ آخرت ۾ بہ (اوھان جا دوست آھيون)، ۽ جيڪي اوھان جو جيءُ خواھش ڪندو سو اوھان لاءِ منجھس آھي ۽ جيڪي اوھين گھرندؤ سو (پڻ) اوھان لاءِ منجھس آھي
نُزُلًا مِنْ غَفُورٍ رَحِيمٍ
(اِھا) مھماني بخشڻھار مھربان (الله) وٽان آھي
وَمَنْ أَحْسَنُ قَوْلًا مِمَّنْ دَعَا إِلَى اللَّهِ وَعَمِلَ صَالِحًا وَقَالَ إِنَّنِي مِنَ الْمُسْلِمِينَ
۽ اُنھيءَ کان وڌيڪ ڳالھ ۾ ڀلو ڪير آھي، جنھن الله ڏانھن سڏيو ۽ (پاڻ ۾) چڱا ڪم ڪيائين ۽ چيائين تہ بيشڪ آءٌ مُسلمانن مان آھيان؟
وَلَا تَسْتَوِي الْحَسَنَةُ وَلَا السَّيِّئَةُ ۚ ادْفَعْ بِالَّتِي هِيَ أَحْسَنُ فَإِذَا الَّذِي بَيْنَكَ وَبَيْنَهُ عَدَاوَةٌ كَأَنَّهُ وَلِيٌّ حَمِيمٌ
۽ نيڪي ۽ بدي (پاڻ ۾) برابر نہ آھن جا نيڪي ڏاڍي چڱي ھجي، تنھن سان (مدائيءَ کي) ٽار، پوءِ اُھو (ماڻھو) جو اُنھيءَ جي ۽ تنھنجي وچ ۾ دشمني آھي، سو جھٽ پٽ ڄڻڪ دج گھريو دوست ٿي پوندو
وَمَا يُلَقَّاهَا إِلَّا الَّذِينَ صَبَرُوا وَمَا يُلَقَّاهَا إِلَّا ذُو حَظٍّ عَظِيمٍ
۽ اِھا ڳالھ صابرن کانسواءِ ٻئي کي حاصل نہ ٿيندي آھي ۽ نڪي وڏي نصيب واري کانسواءِ (ٻئي کي) اِھا حاصل ٿيندي آھي

Choose other languages: