Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #37 Translated in Sindhi

وَمَنْ أَحْسَنُ قَوْلًا مِمَّنْ دَعَا إِلَى اللَّهِ وَعَمِلَ صَالِحًا وَقَالَ إِنَّنِي مِنَ الْمُسْلِمِينَ
۽ اُنھيءَ کان وڌيڪ ڳالھ ۾ ڀلو ڪير آھي، جنھن الله ڏانھن سڏيو ۽ (پاڻ ۾) چڱا ڪم ڪيائين ۽ چيائين تہ بيشڪ آءٌ مُسلمانن مان آھيان؟
وَلَا تَسْتَوِي الْحَسَنَةُ وَلَا السَّيِّئَةُ ۚ ادْفَعْ بِالَّتِي هِيَ أَحْسَنُ فَإِذَا الَّذِي بَيْنَكَ وَبَيْنَهُ عَدَاوَةٌ كَأَنَّهُ وَلِيٌّ حَمِيمٌ
۽ نيڪي ۽ بدي (پاڻ ۾) برابر نہ آھن جا نيڪي ڏاڍي چڱي ھجي، تنھن سان (مدائيءَ کي) ٽار، پوءِ اُھو (ماڻھو) جو اُنھيءَ جي ۽ تنھنجي وچ ۾ دشمني آھي، سو جھٽ پٽ ڄڻڪ دج گھريو دوست ٿي پوندو
وَمَا يُلَقَّاهَا إِلَّا الَّذِينَ صَبَرُوا وَمَا يُلَقَّاهَا إِلَّا ذُو حَظٍّ عَظِيمٍ
۽ اِھا ڳالھ صابرن کانسواءِ ٻئي کي حاصل نہ ٿيندي آھي ۽ نڪي وڏي نصيب واري کانسواءِ (ٻئي کي) اِھا حاصل ٿيندي آھي
وَإِمَّا يَنْزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيْطَانِ نَزْغٌ فَاسْتَعِذْ بِاللَّهِ ۖ إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ
۽ جيڪڏھن تو کي شيطان کان (دل ۾ وير وٺڻ لاءِ) ڪو وسوسو چڀي تہ الله جي پناھ گھُر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
وَمِنْ آيَاتِهِ اللَّيْلُ وَالنَّهَارُ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ ۚ لَا تَسْجُدُوا لِلشَّمْسِ وَلَا لِلْقَمَرِ وَاسْجُدُوا لِلَّهِ الَّذِي خَلَقَهُنَّ إِنْ كُنْتُمْ إِيَّاهُ تَعْبُدُونَ
۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ آھن، نڪي سج کي ۽ نڪي چنڊ کي سجدو ڪريو ۽ انھيءَ الله کي سجدو ڪريو جنھن انھن کي خلقيو، جيڪڏھن خاص سنديس عبادت ڪندا آھيو

Choose other languages: