Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #39 Translated in Sindhi

وَمَا يُلَقَّاهَا إِلَّا الَّذِينَ صَبَرُوا وَمَا يُلَقَّاهَا إِلَّا ذُو حَظٍّ عَظِيمٍ
۽ اِھا ڳالھ صابرن کانسواءِ ٻئي کي حاصل نہ ٿيندي آھي ۽ نڪي وڏي نصيب واري کانسواءِ (ٻئي کي) اِھا حاصل ٿيندي آھي
وَإِمَّا يَنْزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيْطَانِ نَزْغٌ فَاسْتَعِذْ بِاللَّهِ ۖ إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ
۽ جيڪڏھن تو کي شيطان کان (دل ۾ وير وٺڻ لاءِ) ڪو وسوسو چڀي تہ الله جي پناھ گھُر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
وَمِنْ آيَاتِهِ اللَّيْلُ وَالنَّهَارُ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ ۚ لَا تَسْجُدُوا لِلشَّمْسِ وَلَا لِلْقَمَرِ وَاسْجُدُوا لِلَّهِ الَّذِي خَلَقَهُنَّ إِنْ كُنْتُمْ إِيَّاهُ تَعْبُدُونَ
۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ آھن، نڪي سج کي ۽ نڪي چنڊ کي سجدو ڪريو ۽ انھيءَ الله کي سجدو ڪريو جنھن انھن کي خلقيو، جيڪڏھن خاص سنديس عبادت ڪندا آھيو
فَإِنِ اسْتَكْبَرُوا فَالَّذِينَ عِنْدَ رَبِّكَ يُسَبِّحُونَ لَهُ بِاللَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَهُمْ لَا يَسْأَمُونَ ۩
پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن وڏائي ڪن تہ (ڇا ٿيو؟) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ آھن، سي رات ۽ ڏينھن سندس تسبيحون چوندا آھن ۽ اُھي نہ ٿڪبا آھن
وَمِنْ آيَاتِهِ أَنَّكَ تَرَى الْأَرْضَ خَاشِعَةً فَإِذَا أَنْزَلْنَا عَلَيْهَا الْمَاءَ اهْتَزَّتْ وَرَبَتْ ۚ إِنَّ الَّذِي أَحْيَاهَا لَمُحْيِي الْمَوْتَىٰ ۚ إِنَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان ھيءُ (بہ) آھي جو زمين کي وساڻل ڏسندو آھين، پوءِ جڏھن مٿس (مينھن جو) پاڻي وسايو سون (تڏھن) اُڀامي ۽ سُڄي (اُڀري) پيئي، بيشڪ جنھن اُنھيءَ (زمين) کي جياريو آھي، سو ضرور مُئن کي (بہ) جيارڻ وارو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي

Choose other languages: