Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #42 Translated in Sindhi

فَإِنِ اسْتَكْبَرُوا فَالَّذِينَ عِنْدَ رَبِّكَ يُسَبِّحُونَ لَهُ بِاللَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَهُمْ لَا يَسْأَمُونَ ۩
پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن وڏائي ڪن تہ (ڇا ٿيو؟) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ آھن، سي رات ۽ ڏينھن سندس تسبيحون چوندا آھن ۽ اُھي نہ ٿڪبا آھن
وَمِنْ آيَاتِهِ أَنَّكَ تَرَى الْأَرْضَ خَاشِعَةً فَإِذَا أَنْزَلْنَا عَلَيْهَا الْمَاءَ اهْتَزَّتْ وَرَبَتْ ۚ إِنَّ الَّذِي أَحْيَاهَا لَمُحْيِي الْمَوْتَىٰ ۚ إِنَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان ھيءُ (بہ) آھي جو زمين کي وساڻل ڏسندو آھين، پوءِ جڏھن مٿس (مينھن جو) پاڻي وسايو سون (تڏھن) اُڀامي ۽ سُڄي (اُڀري) پيئي، بيشڪ جنھن اُنھيءَ (زمين) کي جياريو آھي، سو ضرور مُئن کي (بہ) جيارڻ وارو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
إِنَّ الَّذِينَ يُلْحِدُونَ فِي آيَاتِنَا لَا يَخْفَوْنَ عَلَيْنَا ۗ أَفَمَنْ يُلْقَىٰ فِي النَّارِ خَيْرٌ أَمْ مَنْ يَأْتِي آمِنًا يَوْمَ الْقِيَامَةِ ۚ اعْمَلُوا مَا شِئْتُمْ ۖ إِنَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
بيشڪ جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڏنگائي (الحاد) ڪندا آھن، سي اسان کان ڳُجھا نہ آھن، ڀلا جيڪو باھ ۾ وجھبو سو ڀلو آھي، يا جيڪو قيامت جي ڏينھن اَمن وارو ٿي ايندو؟ جيڪي وڻيوَ سو ڪريو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو، سو اھو (الله) ڏسندڙ آھي
إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا بِالذِّكْرِ لَمَّا جَاءَهُمْ ۖ وَإِنَّهُ لَكِتَابٌ عَزِيزٌ
بيشڪ جن قرآن جو (اُنھي وقت) انڪار ڪيو، جڏھن وٽن آيو (سي اسان کان ڳُجھا نہ آھن)، ۽ بيشڪ اُھو (اھڙو وڏو) سڳورو ڪتاب آھي
لَا يَأْتِيهِ الْبَاطِلُ مِنْ بَيْنِ يَدَيْهِ وَلَا مِنْ خَلْفِهِ ۖ تَنْزِيلٌ مِنْ حَكِيمٍ حَمِيدٍ
جو، نڪي اُن جي اڳيان ۽ نڪي اُن جي پويان ڪُوڙ داخل ٿيندو آھي، حڪمت واري ساراھيل (الله جي پار) کان لاٿل آھي

Choose other languages: