Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #53 Translated in Sindhi

وَإِنْ كَانُوا مِنْ قَبْلِ أَنْ يُنَزَّلَ عَلَيْهِمْ مِنْ قَبْلِهِ لَمُبْلِسِينَ
۽ جيتوڻيڪ اڳ اُن (مينھن) جي مٿن وَسائجڻ کان اڳيئي نااُميد ٿيندا ھئا
فَانْظُرْ إِلَىٰ آثَارِ رَحْمَتِ اللَّهِ كَيْفَ يُحْيِي الْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۚ إِنَّ ذَٰلِكَ لَمُحْيِي الْمَوْتَىٰ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
پوءِ الله جي ٻاجھ جي نشانين ڏانھن نھار تہ ڪھڙيءَ طرح زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياري ٿو، بيشڪ اُھو (الله) مُئن کي ضرور جيارڻ وارو آھي، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
وَلَئِنْ أَرْسَلْنَا رِيحًا فَرَأَوْهُ مُصْفَرًّا لَظَلُّوا مِنْ بَعْدِهِ يَكْفُرُونَ
۽ جيڪڏھن ڪو واءُ (جو جھولو) گھُلايون (جو ان کي سڪائي ڇڏي) پوءِ اُن (پوک) کي ھيڊو ٿيندو ڏسن تہ اُن کانپوءِ بي شڪري ڪرڻ لڳندا آھن
فَإِنَّكَ لَا تُسْمِعُ الْمَوْتَىٰ وَلَا تُسْمِعُ الصُّمَّ الدُّعَاءَ إِذَا وَلَّوْا مُدْبِرِينَ
پوءِ (اي پيغمبر!) تون سڏ نڪي مئن کي ٻڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻَوڙن کي ٻڌائي سگھندين، جڏھن تہ اُھي پٺي ڏئي مُنھن ڦيرائين
وَمَا أَنْتَ بِهَادِ الْعُمْيِ عَنْ ضَلَالَتِهِمْ ۖ إِنْ تُسْمِعُ إِلَّا مَنْ يُؤْمِنُ بِآيَاتِنَا فَهُمْ مُسْلِمُونَ
۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (روڪي) سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين، تون تہ رڳو اُنھيءَ کي ٻڌائي سگھندين جنھن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آھي، پوءِ اُھي مسلمان بہ آھن

Choose other languages: