Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #52 Translated in Sindhi

اللَّهُ الَّذِي يُرْسِلُ الرِّيَاحَ فَتُثِيرُ سَحَابًا فَيَبْسُطُهُ فِي السَّمَاءِ كَيْفَ يَشَاءُ وَيَجْعَلُهُ كِسَفًا فَتَرَى الْوَدْقَ يَخْرُجُ مِنْ خِلَالِهِ ۖ فَإِذَا أَصَابَ بِهِ مَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ إِذَا هُمْ يَسْتَبْشِرُونَ
الله اُھو آھي جيڪو وائن کي موڪليندو آھي، پوءِ (اُھي) ڪڪر کي کڻنديون آھن، پوءِ جيئن (الله) گھرندو آھي، تيئن آسمان ۾ اُن (ڪڪر) کي کنڊائيندو آھي، پوءِ اُن کي تَھ تَھ ڪندو آھي، پوءِ (تون) ڦُڙين کي ڏسندو آھين، جو اُن (ڪڪر) جي وچ مان نڪرنديون آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي وڻندو اٿس، تنھن تي اُھو (مينھن) پھچائيندو آھي، (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل اُھي خوش ٿيندا آھن
وَإِنْ كَانُوا مِنْ قَبْلِ أَنْ يُنَزَّلَ عَلَيْهِمْ مِنْ قَبْلِهِ لَمُبْلِسِينَ
۽ جيتوڻيڪ اڳ اُن (مينھن) جي مٿن وَسائجڻ کان اڳيئي نااُميد ٿيندا ھئا
فَانْظُرْ إِلَىٰ آثَارِ رَحْمَتِ اللَّهِ كَيْفَ يُحْيِي الْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۚ إِنَّ ذَٰلِكَ لَمُحْيِي الْمَوْتَىٰ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
پوءِ الله جي ٻاجھ جي نشانين ڏانھن نھار تہ ڪھڙيءَ طرح زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياري ٿو، بيشڪ اُھو (الله) مُئن کي ضرور جيارڻ وارو آھي، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
وَلَئِنْ أَرْسَلْنَا رِيحًا فَرَأَوْهُ مُصْفَرًّا لَظَلُّوا مِنْ بَعْدِهِ يَكْفُرُونَ
۽ جيڪڏھن ڪو واءُ (جو جھولو) گھُلايون (جو ان کي سڪائي ڇڏي) پوءِ اُن (پوک) کي ھيڊو ٿيندو ڏسن تہ اُن کانپوءِ بي شڪري ڪرڻ لڳندا آھن
فَإِنَّكَ لَا تُسْمِعُ الْمَوْتَىٰ وَلَا تُسْمِعُ الصُّمَّ الدُّعَاءَ إِذَا وَلَّوْا مُدْبِرِينَ
پوءِ (اي پيغمبر!) تون سڏ نڪي مئن کي ٻڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻَوڙن کي ٻڌائي سگھندين، جڏھن تہ اُھي پٺي ڏئي مُنھن ڦيرائين

Choose other languages: