Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #54 Translated in Sindhi

فَانْظُرْ إِلَىٰ آثَارِ رَحْمَتِ اللَّهِ كَيْفَ يُحْيِي الْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۚ إِنَّ ذَٰلِكَ لَمُحْيِي الْمَوْتَىٰ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
پوءِ الله جي ٻاجھ جي نشانين ڏانھن نھار تہ ڪھڙيءَ طرح زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياري ٿو، بيشڪ اُھو (الله) مُئن کي ضرور جيارڻ وارو آھي، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
وَلَئِنْ أَرْسَلْنَا رِيحًا فَرَأَوْهُ مُصْفَرًّا لَظَلُّوا مِنْ بَعْدِهِ يَكْفُرُونَ
۽ جيڪڏھن ڪو واءُ (جو جھولو) گھُلايون (جو ان کي سڪائي ڇڏي) پوءِ اُن (پوک) کي ھيڊو ٿيندو ڏسن تہ اُن کانپوءِ بي شڪري ڪرڻ لڳندا آھن
فَإِنَّكَ لَا تُسْمِعُ الْمَوْتَىٰ وَلَا تُسْمِعُ الصُّمَّ الدُّعَاءَ إِذَا وَلَّوْا مُدْبِرِينَ
پوءِ (اي پيغمبر!) تون سڏ نڪي مئن کي ٻڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻَوڙن کي ٻڌائي سگھندين، جڏھن تہ اُھي پٺي ڏئي مُنھن ڦيرائين
وَمَا أَنْتَ بِهَادِ الْعُمْيِ عَنْ ضَلَالَتِهِمْ ۖ إِنْ تُسْمِعُ إِلَّا مَنْ يُؤْمِنُ بِآيَاتِنَا فَهُمْ مُسْلِمُونَ
۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (روڪي) سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين، تون تہ رڳو اُنھيءَ کي ٻڌائي سگھندين جنھن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آھي، پوءِ اُھي مسلمان بہ آھن
اللَّهُ الَّذِي خَلَقَكُمْ مِنْ ضَعْفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنْ بَعْدِ ضَعْفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِنْ بَعْدِ قُوَّةٍ ضَعْفًا وَشَيْبَةً ۚ يَخْلُقُ مَا يَشَاءُ ۖ وَهُوَ الْعَلِيمُ الْقَدِيرُ
الله اُھو آھي، جنھن اوھان کي (پھرين) ڪمزور (شئي) مان خلقيو آھي، وري ھيڻائيءَ کان پوءِ (اوھان ۾) سگھ پيدا ڪيائين، وري سگھ کان پوءِ (اوھان کي) ھيڻائي ۽ ٻڍائي ڏنائين، جو گھرندو آھي، سو خلقيندو آھي ۽ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي

Choose other languages: