Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nur Ayahs #18 Translated in Sindhi

وَلَوْلَا فَضْلُ اللَّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُ فِي الدُّنْيَا وَالْآخِرَةِ لَمَسَّكُمْ فِي مَا أَفَضْتُمْ فِيهِ عَذَابٌ عَظِيمٌ
۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ دنيا ۽ آخرت ۾ اوھان تي نہ ھجي ھا تہ جنھن (ڳالھ) بابت چرچو مچايوَ (تنھن بابت) اوھان کي (تڏھن ئي) وڏو عذاب پھچي ھا
إِذْ تَلَقَّوْنَهُ بِأَلْسِنَتِكُمْ وَتَقُولُونَ بِأَفْوَاهِكُمْ مَا لَيْسَ لَكُمْ بِهِ عِلْمٌ وَتَحْسَبُونَهُ هَيِّنًا وَهُوَ عِنْدَ اللَّهِ عَظِيمٌ
جڏھن ان کي پنھنجن زبانن سان ٻاڦيندا رھيؤ ۽ جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي اوھان کي ڪا خبر نہ ھئي سا پنھنجن واتن سان چوندا رھيؤ ۽ اُن کي ھلڪو ٿي ڀانيوَ، ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽ وڏو (گناھ) ھو
وَلَوْلَا إِذْ سَمِعْتُمُوهُ قُلْتُمْ مَا يَكُونُ لَنَا أَنْ نَتَكَلَّمَ بِهَٰذَا سُبْحَانَكَ هَٰذَا بُهْتَانٌ عَظِيمٌ
۽ جڏھن اُھو ٻُڌوَ (تڏھن) ڇو نہ چيوَ تہ اسان کي اھو چوڻ نہ جڳائيندو آھي، (اي الله) تنھنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا، ھي وڏو بُھتان آھي
يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَنْ تَعُودُوا لِمِثْلِهِ أَبَدًا إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ
الله اوھان کي نصيحت ٿو ڪري تہ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ (ٻيھر) وري اصلي اھڙو (ڪم) نہ ڪجو
وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الْآيَاتِ ۚ وَاللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
۽ الله اوھان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي

Choose other languages: