Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #51 Translated in Sindhi

قَالُوا اطَّيَّرْنَا بِكَ وَبِمَنْ مَعَكَ ۚ قَالَ طَائِرُكُمْ عِنْدَ اللَّهِ ۖ بَلْ أَنْتُمْ قَوْمٌ تُفْتَنُونَ
چيائون تہ، تو کي ۽ تنھنجي سنگت کي نڀاڳو سمجھيوسون، (صالح) چيو تہ، اوھان جو نڀاڳ الله وٽ آھي، بلڪ اوھين پرکيل قوم آھيو
وَكَانَ فِي الْمَدِينَةِ تِسْعَةُ رَهْطٍ يُفْسِدُونَ فِي الْأَرْضِ وَلَا يُصْلِحُونَ
۽ (اُن) شھر ۾ نَو ڄڻا ھئا جي مُلڪ ۾ ڏڦير وجھندا ھئا ۽ سُڌارو نہ ڪندا ھئا
قَالُوا تَقَاسَمُوا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهْلَهُ ثُمَّ لَنَقُولَنَّ لِوَلِيِّهِ مَا شَهِدْنَا مَهْلِكَ أَهْلِهِ وَإِنَّا لَصَادِقُونَ
اُنھن الله جو قسم کڻي پاڻ ۾ کڻي چيو تہ، صالح ۽ سندس گھر وارن کي راتاھو ھڻي ماريون، وري سندس وارث کي ضرور چونداسون تہ، (اسين) سندس گھر وارن جي ھلاڪ ٿيڻ مھل حاضر نہ ھئاسون ۽ بيشڪ اسين سچا آھيون
وَمَكَرُوا مَكْرًا وَمَكَرْنَا مَكْرًا وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
۽ ھنن ھڪڙي قسم جو فريب ڪيو ۽ اسان (بہ) ھڪڙي قسم جي رٿ رٿي ۽ اُھي بي خبر ھئا
فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ مَكْرِهِمْ أَنَّا دَمَّرْنَاهُمْ وَقَوْمَهُمْ أَجْمَعِينَ
پوءِ (اي پيغمبر!) نھار تہ سندن فريب جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي! جو اسان کين ۽ سندن ساريءَ قوم کي ناس ڪيو

Choose other languages: