Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #50 Translated in Sindhi

قَالَ يَا قَوْمِ لِمَ تَسْتَعْجِلُونَ بِالسَّيِّئَةِ قَبْلَ الْحَسَنَةِ ۖ لَوْلَا تَسْتَغْفِرُونَ اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
(صالح) چيو تہ اي منھنجي قوم! اوھين چڱائيءَ کان اڳ برائيءَ جي تڪڙ ڇو ڪندا آھيو؟ الله کان بخشش ڇو نہ ٿا گھرو تہ منَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي
قَالُوا اطَّيَّرْنَا بِكَ وَبِمَنْ مَعَكَ ۚ قَالَ طَائِرُكُمْ عِنْدَ اللَّهِ ۖ بَلْ أَنْتُمْ قَوْمٌ تُفْتَنُونَ
چيائون تہ، تو کي ۽ تنھنجي سنگت کي نڀاڳو سمجھيوسون، (صالح) چيو تہ، اوھان جو نڀاڳ الله وٽ آھي، بلڪ اوھين پرکيل قوم آھيو
وَكَانَ فِي الْمَدِينَةِ تِسْعَةُ رَهْطٍ يُفْسِدُونَ فِي الْأَرْضِ وَلَا يُصْلِحُونَ
۽ (اُن) شھر ۾ نَو ڄڻا ھئا جي مُلڪ ۾ ڏڦير وجھندا ھئا ۽ سُڌارو نہ ڪندا ھئا
قَالُوا تَقَاسَمُوا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهْلَهُ ثُمَّ لَنَقُولَنَّ لِوَلِيِّهِ مَا شَهِدْنَا مَهْلِكَ أَهْلِهِ وَإِنَّا لَصَادِقُونَ
اُنھن الله جو قسم کڻي پاڻ ۾ کڻي چيو تہ، صالح ۽ سندس گھر وارن کي راتاھو ھڻي ماريون، وري سندس وارث کي ضرور چونداسون تہ، (اسين) سندس گھر وارن جي ھلاڪ ٿيڻ مھل حاضر نہ ھئاسون ۽ بيشڪ اسين سچا آھيون
وَمَكَرُوا مَكْرًا وَمَكَرْنَا مَكْرًا وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
۽ ھنن ھڪڙي قسم جو فريب ڪيو ۽ اسان (بہ) ھڪڙي قسم جي رٿ رٿي ۽ اُھي بي خبر ھئا

Choose other languages: