Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #52 Translated in Sindhi

وَكَانَ فِي الْمَدِينَةِ تِسْعَةُ رَهْطٍ يُفْسِدُونَ فِي الْأَرْضِ وَلَا يُصْلِحُونَ
۽ (اُن) شھر ۾ نَو ڄڻا ھئا جي مُلڪ ۾ ڏڦير وجھندا ھئا ۽ سُڌارو نہ ڪندا ھئا
قَالُوا تَقَاسَمُوا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهْلَهُ ثُمَّ لَنَقُولَنَّ لِوَلِيِّهِ مَا شَهِدْنَا مَهْلِكَ أَهْلِهِ وَإِنَّا لَصَادِقُونَ
اُنھن الله جو قسم کڻي پاڻ ۾ کڻي چيو تہ، صالح ۽ سندس گھر وارن کي راتاھو ھڻي ماريون، وري سندس وارث کي ضرور چونداسون تہ، (اسين) سندس گھر وارن جي ھلاڪ ٿيڻ مھل حاضر نہ ھئاسون ۽ بيشڪ اسين سچا آھيون
وَمَكَرُوا مَكْرًا وَمَكَرْنَا مَكْرًا وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
۽ ھنن ھڪڙي قسم جو فريب ڪيو ۽ اسان (بہ) ھڪڙي قسم جي رٿ رٿي ۽ اُھي بي خبر ھئا
فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ مَكْرِهِمْ أَنَّا دَمَّرْنَاهُمْ وَقَوْمَهُمْ أَجْمَعِينَ
پوءِ (اي پيغمبر!) نھار تہ سندن فريب جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي! جو اسان کين ۽ سندن ساريءَ قوم کي ناس ڪيو
فَتِلْكَ بُيُوتُهُمْ خَاوِيَةً بِمَا ظَلَمُوا ۗ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَةً لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
پوءِ اِنھيءَ سببان جو ظلم ڪيائون، اِھي سندن گھر اُجڙيل آھن، ڄاڻندڙ قوم لاءِ بيشڪ ھن ۾ وڏي نشاني آھي

Choose other languages: