Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #55 Translated in Sindhi

فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ مَكْرِهِمْ أَنَّا دَمَّرْنَاهُمْ وَقَوْمَهُمْ أَجْمَعِينَ
پوءِ (اي پيغمبر!) نھار تہ سندن فريب جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي! جو اسان کين ۽ سندن ساريءَ قوم کي ناس ڪيو
فَتِلْكَ بُيُوتُهُمْ خَاوِيَةً بِمَا ظَلَمُوا ۗ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَةً لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
پوءِ اِنھيءَ سببان جو ظلم ڪيائون، اِھي سندن گھر اُجڙيل آھن، ڄاڻندڙ قوم لاءِ بيشڪ ھن ۾ وڏي نشاني آھي
وَأَنْجَيْنَا الَّذِينَ آمَنُوا وَكَانُوا يَتَّقُونَ
۽ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪئي تن کي بچايوسين
وَلُوطًا إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ أَتَأْتُونَ الْفَاحِشَةَ وَأَنْتُمْ تُبْصِرُونَ
۽ لُوط کي (موڪليوسون)، جڏھن پنھنجيءَ قوم کي چيائين تہ، اوھين بيحيائي (جو ڪم) ڇو ڪندا آھيو؟ ۽ اوھين ڏسندا (بہ) آھيو؟
أَئِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ الرِّجَالَ شَهْوَةً مِنْ دُونِ النِّسَاءِ ۚ بَلْ أَنْتُمْ قَوْمٌ تَجْهَلُونَ
اوھين زالن کي ڇڏي مردن ڏانھن شھوت سان ڇو ويندا آھيو؟ بلڪ اوھين جاھل قوم آھيو

Choose other languages: